ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ تعليم کاتي پاران استادن جي ڀرتي لاءِ 2013ع ۾ اين ٽي ايس معرفت ورتل ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار نوڪريون نه ملڻ خلاف پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گهر آڏو پهچي ويا، جتي مظاهرو ڪرڻ بعد  نعريبازي ڪئي وئي، اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي 150 کان وڌيڪ اميدوارن کي کنڀي مختلف ٿاڻن ڏانهن منتقل  ڪيو ويو، احتجاج بعد تعليم کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ پ پ اڳواڻ ضياءِ لنجار ڳالهين لاءِ پهتا، ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ حبيب سنڌي، منور شاهه  ۽ ٻين چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 7500 اميدوار نوڪرين کان محروم آهن، اسان کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، جنهن تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري کين خاطري ڪرائي ته هڪ هفتي اندر سندن مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويندي،  گرفتار ٿيل اميدوارن کي آزاد ڪرايو ويندو. جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.