پاڪپتن(م ڊ) پاڪپتن ۾ حاضري تي عدالت ويندڙ 3 ڀائر مخالفن جي فائرنگ سان مارجي ويا. ملڪا هانس ٿاڻي جي پوليس موجب مقتول عدالت ۾ حاضري لاءِ چڪ 72 ڊي سان موٽرسائيڪل تي پاڪپتن اچي رهيا هئا ته جمال ڪوٽ ۾ مخالفن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سان ٽئي ڀائر مارجي ويا. پوليس موجب مخالفن جي فائرنگ سان مارجي ويل ڀائرن جي سڃاڻپ ارشاد، ممتاز ۽ تنوير جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي به واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کي جلد جوابدارن کي گرفتاري ڪري مقتولن جي وارثن کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.