ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينيٽ جو 35هون اجلاس پرو چانسلر ۽ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گذريل ٽن مالي سالن 2021-2020ع، 2022-2021ع ۽ 2023-2022ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مالي سال 2014-2013ع، 2015-2014ع، 2016-2015ع، 2017-2016ع، 2018-2017ع، 2019-2018ع ۽ 2020-2019ع جي بجيٽ جي ڇنڊڇاڻ توڙي مڪمل چڪاس بعد ايندڙ اجلاس ۾ منظور ڪرائڻ جو اختيار وائيس چانسلر کي ڏنو ويو.  سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينيٽ جو 35هون اجلاس وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ واقع سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ 22 مارچ 2013ع ۾ ٿيل سينيٽ جي 34هين اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني ويئي.   اجلاس ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي هڪ هزار رپيا يوٽيلٽي الائونس به منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ليو انڪيشمينٽ وارو معاملو سينيٽ جي اجلاس جي ريفرنس سان وڌيڪ منظوريءَ لاءِ چانسلر کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ليو انڪيشمينٽ جو نالو عيد الائونس طور تجويز پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻين يونيورسٽين جي طرز تي گريڊ 2 کان 22 تائين جي ملازمن کي ميڊيڪل الائونس جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن لاءِ سڄي سروس دؤران عمري يا حج جي موڪل 90 ڏينهن مقرر ڪئي ويئي. جنرل ۽ ايڪس ڪيڊر آفيسرن جي اڳين گريڊن ۾ ٽائيم اسڪيل واري پاليسيءَ وارو ڪيس ٻيهر سينڊيڪيٽ کي موڪليو ويو. سينيٽ جي اجلاس۾ گريڊ 21هين جي پروفيسر کي گريڊ 22 ۾ ميريٽوريس پروفيسر طور ترقيءَ جي نئين سري سان جوڙيل قانون جي به منظوري ڏني ويئي. سنڌ يونيورسٽي ڪمئپس ٺٽي ۾ سينٽر فار ڪوسٽل اينڊ ڊيلٽڪ اسٽڊيز جي قيام جي پڻ منظوري ڏني ويئي.   اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان فوري طور بيل آئوٽ پئڪيج ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.