نيروبي(م ڊ) ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ڪينيا پوليس تصديق ڪئي آهي ته ارشد شريف هنگامد طور تي نه پر باقاعده منصوبا بندي سان ويزا وٺي آيو هن دبئي مان اليڪٽرانڪ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو ۽ وزٽ ويزا تي ڪينيا آيو. هن جو ڪينيا ۾ ميزبان وقار احمد هو ۽ ويزا جي درخواست ۾ وقار احمد جي بلڊنگ جو پتو ڏنو، جنهن علائقي ۾ رهيو اهو سنسان علائقو آهي. ويزا ۾ واڌ ڪئي وئي. ويزا دبئي مان ورتي آن ارائيول ويزا نه ورتي هئي. بلڊنگ جي ٽاپ فلور تي رهندو هو. 8 آگسٽ تي دبئي مان نڪتو.