خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان پرائمري اسڪول عمارت زبون حال ٿي وئي، برسات کي چار مهينا گذري ويا پر اسڪول جي مرمت نه ڪرائي وئي، معصوم ٻارڙن جون حياتيون داءَ تي لڳل. خبر موجب راڻيپور ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ راڄپر جي رهواسين علي احمد، گل حسن ۽ ٻين دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته سندن ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت برساتن کان پوءِ زبون حال ٿي وئي آهي، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، بار بار شڪايتن باوجود حڪومت ۽ انتظاميا اسڪول عمارت جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. اسڪول عمارت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته زبون حال اسڪول عمارت جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙا بغير خوف تعليم جاري رکي سگهن.