ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ لنڊو شريف ۾ نامعلوم چور ڳوٺاڻي علي احمد لغاري جي گهر مان 6 لک روپيا روڪ رقم ۽ 2 لک 70 هزار روپين جو چيڪ پيتي ٽوڙي کڻي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا، پوليس چوري جي شڪ ۾ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي، پوليس گرفتار ٿيلن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.