پٿورو (ن پ ا) پٿورو ويجهو کپرو ڪينال مان نڪرندڙ کاھي شاخ کي 28 واٽر وٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، جنهن بعد علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ٻوڏ ۽ برساتن دوران به کاھي شاخ کي ٻن ھندن تان گھارا پيا ھئا، جن کي آبپاشي عملدارن جڳاڙي ڪم ڪري بند ڪيو هو جنهن ڪري هاڻي وري گهارو پئجي ويو آهي، علائقي واسين مطالبو ڪيو ته شاخ جا ڪپر مضبوط ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.