خيرپورناٿن شاھ ڀرسان وين ڪلٽي، 10 مسافر زخمي

0
125
مورو ويجھو روڊ

خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ لولجا سامهون انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڊوم وين اچانڪ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 10 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ فيصل جمالي، ذوالفقار ميمڻ، علي حيدر سولنگي، مسمات حسينا شيخ، مسمات ممتاز شيخ، علي گل، دلشاد شيخ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، زخمين کي خيرپورناٿن شاھ تعلقا اسپتال پهچايو ويو.