شاھاڻي_جتوئي تڪرار جو نبيرو اڄ دادو ۾ ٿيندو

0
143
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

دادو/ مورو(ن پ ا) شاھاڻي ۽ جتوئي تڪرار جو نبيرو اڄ دادو ۾ رفيق احمد جمالي جي ھاؤس تي رٿيل آهي، ڪيٽي جتوئي ۾ مال جي ڀيل تان شاهاڻي برادري جي ٻن ڄڻن منٺار ۽ طالب شاهاڻي جي قتل کانپوءِ تڪرار ڪر کنيو، جنھن تي شاهاڻي برادري جي هٿيارن سان ڪيٽي جتوئي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي لانڍين ۽ زمين تي قبضو ڪيو هو، ھلندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ نبيري لاءِ مختلف برادرين جي سردارن ۽ چڱن مڙسن جي ڳالھين بعد فيصلو رکيو ويو، فيصلو سردار مير منظور خان پنهور جي سر پئچي ۾ ٿيندو، جتي مختلف برادرين جا سردار ۽ چڱا مڙس به شرڪت ڪندا، فيصلي ۾ شرڪت لاءِ جتوئي ھاؤس نوان جتوئي مان جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي اڳواڻي ۾ برادري جا چڱا مڙس قافلي جي صورت ۾ دادو روانا ٿيندا ۽ چاڪر خان شاهاڻي پنهنجي برادرين جي ماڻهن جي قافلن سان جرڳي ۾ شريڪ ٿيندو، مختلف برادرين جي سردارن ۽ چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي کانپوء ڌريون راڄوڻي ڪرڻ تي راضي ٿيون، پي پي ايم اين اي رفيق جمالي صحافين کي جرڳي جي رپورٽنگ ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو.