پنوعاقل / سلطانپور (نمائندن وٽان) وفاقي وزيرسيد خورشيد احمد شاهه برسات بعد پنوعاقل شهر سميت مختلف علائقن جي دوري تي پھتو، خورشيد احمد شاھ ڊپٽي ڪمشنر سکر سان گڏجي پنوعاقل جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جڏھن ته پنوعاقل جي ميونسپل انتظاميه خورشيد شاھ جي اچڻ جو ٻڌي اڳ ئي مخلتف علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو، روڊن جي صفائي ڪري چونو هاريو ويو، جڏھن وفاقي وزير روڊن رستن سميت ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي شهرين پاران روڊن جي تباهي ۽   شھر اندر صفائي سٿرائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ويون، جنھن بعد خورشيد شاهه ماڻهن جون شڪايتون ٻڌڻ بعد لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ته فوري طور تي شهر جي صفائي سٿرائي قدم کنيا وڃن.