ڀان سيد آباد/ٽنڊو رحيم: ان کان اڳ وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه منڇر ڍنڍ تي پهتو، مهاڻن سان ملڻ ۽ منڇر ڏسڻ بغير واپس روانو ٿيو، ملاحن پاران ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي سيڪيورٽي عملي منڇر واسين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏيئي ٻاهر ڪڍيو وڏي وزير سان ملڻ نه ڏنو، منڇر بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولابخش ملاح وڏي وزير اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان منڇر واسي مري رهيا آهيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، آبپاشي کاتي جي عملدارن هٿ سان منڇر کي تباهه ڪيو آهي، منڇر جا بند ڪمزور آهن ۽ اوهان کي آبپاشي وارا سڀ ٺيڪ آهي چئي مطمئن ڪن ٿا،  منڇر واسين وڌيڪ چيو ته منڇر جو زهريلو پاڻي خارج ڪري هاڻي منڇر ۾ مٺو پاڻي جمع ڪيو وڃي،  ٻئي پاسي ڀان سيدآباد جي شهرين وڏي وزير جي منڇر ڍنڍ تي اچڻ جو ٻڌي وڏي انگ ۾ منڇر تي پهتا جن وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اڳيان ٽائون ڪاميٽي انتظاميه ڀان جي عملي جي غفلت، شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ، ڊرينيج ۽ برسات جو پاڻي گهٽين ۽ محلن ۾ بيٺل هجڻ بابت شڪايتون ڪيون جنهن تي وڏي وزير سيدمرادعلي شاهه شهرين کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ کي حڪم جاري ڪيا ته فوري طور تي شهر ۾ صفائي ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي. ٽنڊي رحيم خان ۾ وڏي وزير پاران متاثرين ۾ امداد تقسيم ڪري واپس ٿيڻ شرط روينيو ۽ پوليس عملي امدادي سامان کان ھٽي ويئي جنھن بعد سوين متاثرين امدادي سامان تي ڪڙڪي پيا جيڪي ٽرڪ مزدا گاڏين تي پاڻ چڙھي سامان جي ڦرلٽ شروع ڪئي. ٽن ڪلاڪن تائين ماڻھن ۾ جھيڙو جاري رھيو ڪٿي به روينيو توڙي پوليس ماڻھن کي وڙھڻ کان روڪي نه سگھيا  جنھن سبب پري پري کان آيل ماڻھو واپس ٿي ويا، جاويد، دودو، ڪرم علي، راشد، چار کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن. جڏھن ته انتظاميه جي نااھلي سبب بنا سروي جي گھرايل  ماڻھن کي افراتفري سبب سامان نه ملي سگھيو آھي ـ متاثرين موجب ته اسان کي ڳوٺ سجاول خان آلکاڻي ۾ گھرائي تذليل ڪئي ويئي آھي.