ڀان سيدآباد/ ٿاڻو بولا خان/ ٽنڊو رحيم خان (نمائندن وٽان)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صدر پاڪستان جو عهدو آئيني آهي ان کي آئيني ذميواريون نڀائڻ  گهرجن، ائين نٿو ٿي سگهي ته صدر حڪومت سان سهڪار نه ڪري. وڏي وزير سيد مرادعلي شاهہ منڇر ڍنڍ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ جڊيشل ڪونسل ۾ ججن وچ ۾ جيڪو مسئلو هلي رهيو آهي اها بدقسمتي آهي. سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، سپريم ڪورٽ کي سڀ انصاف جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ ان کي پنهنجي اندر انصاف ڪرڻ گهرجي.برساتن کانپوءِ متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهيان، منڇر کانپوء جوھي ضلعي دادو ويندس جنهن بعد ٿاڻي بولا خان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندس، وڏي وزير چيو ته منڇر لڳ رھندڙ ماڻهن کان کين درپيش مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. 2010 ۾ جڏھن منڇر جي حفاظتي بند کي گھارو لڳو ھو ته ان وقت بندن جي مضبوطي لاءِ جٽادار مرمت ڪرائي وئي هئي ۽ الله جي ڪرم سان ھن ڀيري پڻ ڪنهن قسم جي ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ته جيئن  ماڻھن کي پريشان کان بچائي سگهجي. برساتن دوران عام ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو. ھڪ سوال تي وڏي وزر چيو ته ايم اين وي ڊرين تي متاثر ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. دوري دوران آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جمال الدين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ 100 اسڪوائر فوٽ کيرٿر جابلو علائقي جي هيٺيان پکڙيل آهي، 2010ع ۾ ان وقت منڇر جو بند ٽٽي پيو هو جڏهن پاڻي جي ليول 121.1 فوٽ هو، منڇر ڍنڍ ۾ هن وقت پاڻي جي سطح 116.5 آر ايل آهي، اڙل هيڊ ۽ اڙل ٽيل ريگيولر بنيادن تي کليل آهي جتان منڇر جو پاڻي درياءُ ۾ خارج ٿئي ٿو، 30 جولاءِ تي منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح 17 فوٽن کان گهٽجي 16 فوٽ 5 انچ ٿي آهي. ٻئي طرف ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتن سبب تعلقي سيوهڻ جي 6 ديهن ۾ 65 گهر مڪمل طور تي ڪري تباهه ٿيا،110 ڪچا گهر 50 سيڪڙو متاثر ٿيا آهن ۽ 14 پڪا گهر به ڊهيا، ڪمشنر چيو ته منڇر جي مهاڻن جون 10 ٻيڙيون به برساتن سبب تباهه ٿيون.   وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه طرفان منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي جي علائقن جو فضائي معائنو ڪيو، موبائيل فون ۾ تصويرون به ڪڍيون، بعد ۾ وڏي وزير هيليڪاپٽر ذريعي ٽنڊي رحيم خان سميت ڪاڇي جي ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جو به دورو ڪيو. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو تہ ٻوڏ سبب ڪاڇي م تباهه ٿيل روڊ رستا جلد بحال ڪرايا ويندا ۽ خواهش آ هڪ انچ بہ اهڙي نہ هجي جتان عوام کي تڪليف پهچي، سي ايم ڪاڇي جا روڊ رستا اسان جي دؤر ۾ ٺاهيا ويا ۽ وري اسان ئي بحال ڪرائينداسين، مراد علي شاھ ٻوڏ متاثرين کي وڌيڪ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاء سروي جو به حڪم ڏنو ويو آھي. بعد ۾ وڏي وزير  ٿاڻوبولاخان پھچي علائقي جو فضائي دورو پڻ ڪيو . ڪوھستان جي ٻوڏ متاثر دروات ڊيم  وٽ پھچڻ  تي پ پ ايم پي ملڪ اسد سڪندر خان صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ملڪ سڪندر خان جونيئر سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن يار محمد پالاري ۔ڳوٺ الله بخش گنجو ،ڳوٺ لونگ کوسو  ،خميسو ڏيٿو ،سميت 20 مختلف ڳوٺن ۾ ٿيل فصلن گھرن جي نقصانن جا انتظاميه کان مڪمل تفصيل ورتا. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو بريفنگ ڏيندي چيو ته يوسي ڌماچ جا 14 ڳوٺ  يوسي ٿاڻو عارب خان جا  5 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن جن ۾ اسان سڀني ٻوڏ متاثرين کي راشن رھڻ جي خيما تنبو ڏنا ويا آھن. وڏي وزير چيو ته دورات ڊيم جوبنياد پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري رکيو دروات 10 سالن کانپوءِ پھريون ڀيرو برجي ويو آھي   ٻوڏ سبب ڊيم متاثرين کي فصلن ۽ گھرن جو معاوضو ڏنو ويندو.