خانپور (ن پ ا) خانپور ۾ بدامنيءَ خلاف 4 ڏينھن به خان محمد نوحاڻي، اصغر، استاد محمد قاسم پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.ھوڏانھن اي ايس پي شڪارپور فاضل شاهه ڪيمپ تي پهچي شهرين کي چيو ته ايس ايس پي جي ھدايتن تي پھتو آھيان .اوھان احتجاج ختم ڪري گھرن ۾ ويھي رھو، پوليس پنهنجي ذميواري نڀائيندي.شھرين اي ايس پي کي چيو ته امن بحال، ڦر ۽ چوري ٿيل سامان واپس نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.