جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد فيملي لائن ۾ شيخ عبدالنبي روڊ تي ڏينهن ڏٺي چورن گاڏين جا بانيٽ ٽوڙي بيٽريون چورائي ويا. ساڳئي هنڌان چور خدا بخش ڪٽبار جي دڪان جا تالا ٽوڙي يو پي ايس، بيٽري ۽ روڪ رقم کڻي ويا.شهرين محمد حسنين، شجاعت حسين، پرويز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چورين جو آزار وڌي ويو آهي.