ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشوري ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي وڏي انگ ۾ ڪارڪن ۽ شهرين ضلعي صدر ساگر عالماڻي، يونس اوٺو، امجد پنهور، علي قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ کان ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو آڏو ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين ايس ايڇ او ڄامشورو خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڄامشوري مان امن جو پکي اڏامي ويو بدامني چوٽ چڙهيل آهي، هر روز ڏوهي وارداتون ٿي رهيون آهن پوليس اگهوري ننڍ ستل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته امن امان بحال ڪري منشيات جو خاتمو آندو وڃي.