خانپورمهر (ن پ ا) ڳوٺ ڪمون گڏاڻي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب روحلو گڏاڻي ۽ سندس گهرواري حليمان زخمي ٿي پيا، هوڏانهن زخمين کي وارث شيخ همدان بن محمد اسپتال کڻائي آيا، جڏهن ته روحلو گڏاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي عورت حليمان گڏاڻي ٻڌايو ته ٻارن جي ڳالهه تان مڙس جي ڀائيٽن حملو ڪري ڏنو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب آئون ۽ منهنجو مڙس زخمي ٿي پيا آهيون، ھوڏانھن خانپور مھر ٿاڻي تي متاثر ڌر جي فرياد تي 6 ڄڻن مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪري ورتي.