لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان 18 ڏينهن اڳ اڳوڻي مڙس هٿان قتل ٿي ويل سونهن ٽوٽاڻي جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول عورت جي امڙ بختاور ڀٽو ۽ ٻين دانهيو ته جوابدار اياز علي مگسي سونهن کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، جنهن بعد هن نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو. هنن چيو ته شهيد الاهي بخش ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته جوابدار ڌر مسلسل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.