ڳڙھي حسن (ن پ ا) ڳڙھي حسن ۾باهه سبب هڪ گهر سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب پورهيت لال داس جي گهر کي چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل اناج سميت سمورو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. پورهيت موجب بروقت اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو وقت سر نه پھتو، جنهن سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو آهي، متاثر پورهيت واهر جي اپيل ڪئي.