شھدادپور: اغوا ڄاڻايل نينگري عدالت ۾ پيش، بيان ڏيڻ بعد پيءُ حوالي

0
343

شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور پوليس اغوا ڄاڻايل نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، مائٽن جي حق ۾ بيان ڏيڻ بعد پيءُ حوالي، هفتو اڳ ڳوٺ بهادر ڪلوئي واسي ميوو ڀيل پاران شھدادپور ٿاڻي تي سورج ڀيل خلاف ڌي شمينا کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پوليس نينگري شمينا کي 164 جي بيان لاءِ مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪري ڇڏيو، نينگري بيان ڏيندي چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، ناني جي گهر هئس، هاڻ ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ چاهيان ٿي، عدالت نينگري کي پيءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لکپڙھ بعد نينگري پيءُ ميوو ڀيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، نينگري هڪ هفتو اڳ پاڙيسري سورج ڀيل سان نڪتي هئي، راڄوڻي بعد نينگري کي مائٽن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو.