گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس شهمير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ته 2 هفتا اڳ ڀٽا محلي جي رهواسي نوجوان شهمير ڀٽو کي ڳلو ڪٽي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو قتل ڪيس اقبال کونهارو، شاهد ڀٽو، عبدالجبار ڀٽو، شڪيل ڀٽو، محمد امين ڀٽو مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، ايس ايچ او موجب حسين ٻيلي لنڪ روڊ سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي5 ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.