ٻيلو (ن پ ا) ٻيلو پوليس ايس ايچ او منير ڏاوچ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شاهنواز لغاري ڀرسان ڪارروائي ڪري منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪارروائي ڪري منشيات فروش مشتاق شاھ کي گرفتار ڪري سندس وٽان 120 گرام چرس هٿ ڪري جوابدار تي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.