خانپورمھر (ن پ ا) ان ڏس ۾ خانپورمھر ويجھو ڳوٺ ڇتن مھر ۾چوري معاملي تان مھر ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. ان حوالي سان گذريل رات گھر ڌڻي نواز مھر جي گھر مان نامعلوم چور ايل سي ڊي ۽ مبينا ھڪ لک روڪ رقم  چوري ڪري کڻي ويا، مھر برادري جي سوين ڳوٺاڻن کوجي ڪتا گھرائي پيرن جا نشان ڀرواري ڳوٺ اصغر ميراڻي جي گھر ۾ وڃايا جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لاھي ڏنو، جھيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 3 ڄڻا سجاد ميراڻي، رحيم بخش ۽ خالد ميراڻي زخمي ٿي پيا. زخمين کي وارث خانپور مھر ٿاڻي تي کڻائي آيا جتي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بعد کين خانپورمھر جي سول اسپتال منقتل ڪيو ويو. ھوڏانھن خانپورمھر پوليس ٻنھي ڌرين جي ڌار ڌار  چوري ۽ جھيڙي جي فرياد داخل ڪندي ٻنھي ڌرين جي 10 ڄڻن مٿان اين سي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي.