اپوزيشن گوڙ ڪرڻ بدران حقيقتون تسليم ڪري:صدر عارف علوي جو پارليامينٽ ۾ خطاب

0
263
اپوزيشن گوڙ ڪرڻ بدران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي خطاب دوران اپوزيشن جو گوڙ ڪيو ويو، صدر پاڪستان عارف علوي چيو آهي ته ٽن سالن ۾ رڪارڊ تبديليون آيون آهن، ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي.

صدر عارف علوي چيو تھ  اپوزيشن گوڙ ڪرڻ بدران حقيقتون تسليم ڪري، ايف بي آر سال 2020-21ع ۾ ٽئڪس جي مد ۾ 4 هزار 732 ارب رپيا گڏ ڪيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ تقريبن 18 سيڪڙو وڌيڪ آهن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان، وفاقي وزير، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ ٻيا شريڪ، صحافين جي انٽري بند، پريس گئلري جا در بند ڪيا ويا: صحافين پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل خلاف پارليامينٽ گئلري جي مک رستي تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.