دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ چاناري مان پسند جي شادي ڪرڻ لاءِ گھران نڪتل نوجوان ناري امبر ڌيءُ عنايت الله عمراڻي کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس پيڇو ڪري ورتو، جڏهن ته ناري کي کڻي ويندڙ نوجوان سرفراز راجپوت، ڪار ڊرائيور محمد عثمان  ميمڻ ۽ عاشق علي منگي کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب پڇا ڪرڻ تي ناري ٻڌايو ته هوءَ سرفراز راجپوت سان پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ هوءَ گهران نڪتي، پوليس موجب ناري کي اڄ سومر ڏينھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.