ٺل (ن پ ا) ٺل جي تعليم کاتي جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، ٻه سال بعد غير حاضر استادن ۽ لوئر اسٽاف جي ساڍا چار سو ملازمن کي انڪوائري ٽيم آڏو پيش ٿيڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ 2019 ۾ پرائمري استادن جي 211 ۽ لوئر اسٽاف جي 230 کان وڌيڪ ملازمن کي بايوميٽرڪ سسٽم تحت اسڪول ۾ غير حاضر ڄاڻائي ٻه سال بعد شوڪاز جاري ڪندي ٽي اي او آفيس ٺل ۾ جواب داخل ڪرڻ جو چيو ويو آهي، جنهن بعد ٻه سو کان وڌيڪ استادن ٽي اي او آفيس ٺل ۾ پهچي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻه سالن بعد شوڪاز ملڻ تي استاد توڙي لوئر اسٽاف جا ملازم پريشاني ۾ پڻ وٺجي ويا آهن،ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او ميل خدا بخش دايو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڊي اي او جيڪب آباد مقرر نه هجڻ جي ڪري شوڪاز ۾ به دير ٿي آهي جڏهن آفيسر مقرر ٿيو ته شوڪاز جاري ڪيا ويا آهن هن چيو ته 2019 ۾ اسڪول ۾ غير حاضر ٿيل استاد توڙي لوئر اسٽاف جي ملازمن کي شوڪاز جاري ڪري جواب طلب ڪيو آهي هن چيو ته وچ ۾ ٻن سالن جو عرصو ان ڪري گذري ويو ته ڪورونا وائرس سبب اسڪول بند رهيا ۽ بايوميٽرڪ جي رپورٽ جڏهن اسان کي ملي ان کان پوءِ اسان غير حاضر رهندڙ استادن کي شوڪاز ذريعي جواب طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ٻه سو استادن پنهنجي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن جي تعلقي صدر محبوب علي نوناري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته استادن کي مليل شوڪاز ٻن جو سالن جو عرصي بعد ملڻ سان وقتي طور تي استاد پريشان ته ٿيا پر پوءِ معلوم ٿيو ته ٻن سالن جي عرصي ۾ ڪورونا وائرس سبب شوڪاز نه نڪري سگھيا آهن هن چيو ته استادن پنهنجا جواب داخل ڪرايا آهن. هوڏانهن شوڪاز ملندڙ استادن پاران نالو نه لکڻ تي ٻڌايو ته ٻه سال گذري ويا اسان کي غير حاضر رهڻ جو شوڪاز نه ڏنو ويو جڏهن ته اسان کي انهن ئي ڏينهن ۾ شوڪاز ڏنو وڃي ها ته جيئن اسان جواب ان وقت ئي داخل ڪرائي ڇڏيون ها هنن چيو ته ٻن سالن جي عرصي وچ ۾ ان وقت به آفيسر مقرر ٿيل هئا انهن اسان کي شوڪاز ڇونه ڏنو ان وچ ۾ اسان اسڪولن ۾ ويندا رهيا آهيون ۽ اسان جي حاضري رهي آهي پوءِ به اسان جواب داخل ڏئي ڇڏيو آهي.