خانپور مهر: يرغمال بڻيل اهلڪار آزاد: مبينا طور ڊوڙائي قتل ڪيل ڳوٺاڻي جو  ڪيس داخل ٿيندو

0
170
خانپورمھر لڳ پوليس چڙهائي دوران ڳوٺاڻو ڊوڙائي قتل، 3اهلڪار يرغمال
خانپورمھر لڳ پوليس چڙهائي دوران ڳوٺاڻو ڊوڙائي قتل، 3اهلڪار يرغمال

خانپورمھر ويجهو پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڳوٺاڻو مبينا طور مارجي ويو، جنهن بعد مڇريل ڳوٺاڻن 3پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد ڊي ايس پي جي خاطري تي کين آزاد ڪيو آهي

خانپور مهر پوليس ڳوٺ ٽي موھي تي عالماڻي برادري جي گھرن تي چڙهائي ڪئي ته ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته پوليس پيرسن عبدالقادر عالماڻي کي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو آهي

مڇريل ڳوٺاڻن پوليس اهلڪار صدام مھر ۽ اڪرام جٽ سميت ٽن اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو

پوليس اهلڪارن جي يرغمال ٿيڻ جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو اختر ويسر ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري اهلڪارن کي ڇڏائي ورتو

ڊي ايس پي ڳوٺانن کي خاطري ڪرائي ته پوليس جي زيادتي ثابت ٿي ته ڳوٺاڻن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو

ڳوٺاڻن چيو ته پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي،پاڪ ڪتاب تي جاچ ڪئي وڃي