سنڌ ۾ سرڪاري ۽ فلاحي زمينن تي ٽن مهينن ۾ قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

0
298
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ سرڪاري ۽ فلاحي زمينن تي ٽن مهينن ۾ قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ وڪيل پيش ٿيا

عدالت سست رفتاري تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي ڇنڊ ڪڍي، عدالت پُڇيو ته سرڪاري زمينن تي قبضو هيل تائين ختم ناهي ٿيو، ڪيستائين قبضا ڇڏايا ويندا

اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪارروائين ۾ گهٽتائي نه آندي آهي، پر قبضا مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ وقت گهربل هوندو

سپريم ڪورٽ قبضا ختم ڪرائڻ بابت جامع رپورٽ ٽن مهينن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي