ٺارو شاهه مان ماسترياڻي مبينا طور اغوا، والد پاران پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

0
336

ٺارو شاهه مان ماسترياڻي

ٺاروشاھ: ٺاروشاھ مان مبينا طور خانگي اسڪول جي ماسترياڻي اغوا ٿي وئي، والد چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سندس نياڻي بازياب نه ٿي ته هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندو

ھريپور محلا ۾ قائم نجي اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائيندڙ مقدس چوهاڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي

ناري جي پيءُ راشد چوهاڻ ٺاروشاھ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي دانهيو ته نياڻي اسڪول جي موڪل ٿيڻ بعد گم ٿي وئي آھي، اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته ڇوڪري موڪل ۾ اسڪول مان نڪتي آھي جيڪا اڃان تائين گهر نه پهتي آھي

هن چيو ته منهنجي نياڻي کي شھر جا ڪجھه اوباش ڇوڪرا موبائيل فون تي ميسج ۽ ڪالز ڪري تنگ ڪندا هئا، شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي

هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ناري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ٿاڻي آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس