حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
163
حڪومت پي ٽي آءِ جي

اسلام آباد: حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي هر صورت ۾ روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مارچ ۽ امن امان جو جائزو ورتو ويو

اجلاس ۾ رياستي رِٽ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، امن امان ۾ رُخنو وجهندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو تھ مارچ جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي تشدد يا اشتعال تي قانون حرڪت ۾ ايندو، ڌرڻن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو

ٻئي پاسي خواجا آصف چيو آھي تھ عمران خان وفاق ۾ آئيني جنگ هارائڻ بعد ڪي پي حڪومت جي وسيلن سان اسلام آباد تي حملي آور ٿي رهيو آهي، وفاقي سرڪار رياستي رِٽ جو ڀرپور دفاع ڪندي

 بچاءَ جي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان جي ذاتي ايجنڊا پوري ٿيڻ نه ڏينداسين، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ جنگي ڪيفيت سان ملڪي سلامتي کي خطرو آهي، اهڙا خطرا پيدا ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو

ھي به پڙھندا

ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو:عمران خان