ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ لڳ لونگ مهيسر جي رهواسين وزير مهيسر،  سليم مهيسر نيشنل پريس ڪلب ميهڙ  پهچي ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس  جي زيادتين ۽ ڦر جا جوابدار آزاد ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. هنن دانهيو ته هڪ مهينو اڳ اسان بئنڪ مان پئسا ڪڍي کڻي وڃي رهيا هئاسين ته نامعلوم جوابدار اسان کان پنج لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا بعد ۾ ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس اسانجي ڦر ٿيل موبائل ٽريس ڪري جوابدار گرفتار ڪري کڻي آئي ڦر ٿيل موبائل ڏيکاريندي چيو ته موبائل ٽريس ڪري  جوابدار گرفتار ڪيا  آھن بعد ۾ بااثرن جي چوڻ تي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.