پيرولاشاري (ن پ ا ) پيرولاشاري ويجهو بنڀرلو ڊنڍ تي بااثرن مبينا قبضو ڪري ڍنڍ کي بند ڏئي ڇڏيو آهي. هنن خلاف ماهيگيرن علي احمد ملاح  عثمان ملاح اصغر ملاح ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان مڇي ماري پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو روزگار ڪندا آهيو پر بااثرن ڊنڍ تي قبضو ڪري بند ھڻي رھيا آھن. ھنن چيو ته ڊنڍ کي بند ھڻي ڊنڍ کي ٽوڙي اسان کان روزگار کسيو پيو وڃي ھنن ٻڌايو ته بااثر ماڻهن کي ڪير چوڻ وارو ناهي ھنن جو چوڻ هو ته اسان بدين ڊي ايس پي کي درخواست پڻ ڏني آهي ان جي ٻڌڻي اڄ رکيل آهي. ھنن ايس پي بدين ڊي ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڊنڍ تان قبضو ختم ڪري اسان ماھيگيرن جو روزگار بچايو وڃي.