پيرولاشاري(ن پ ا) سنڌ سميت ضلعي بدين ۾ ٿيندڙ خودڪشين، ننڍي عمر جي شادين ۽ زوري مذهب مٽائي شادين خلاف ۽ تعليم سميت پنھنجا جائز حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪولھي  اتحاد جو جلسو ٿيو. مرڪزي  چيئرمين لالچند ڪولھي.  پھلاج ڪولھي. رازو مڪواڻو ـ کيراج ڪولھي. ڊاڪٽر چندر ڪولھي. پنھون ڪولھي  ۽ ٻين چيو ته  اسان سنڌ ڌرتي جا وارث ۽ محنت ڪش قبيلو آھيون اسان جا لکين ووٽ آھن اسان جي ڏنل قربانين ۾ رت شامل آھي اسان جي محنت سان محل بنگلا ماڙيون ٺھيون  مگر افسوس ھن وقت به اسان جي قوم پٺتي پيل آھي ڇو ته تعليم ناھي شعور ناھي روزگار ناھي نوڪريون ناھن جنهن ڪري مجبورن اسان جا نوجوان ۽ نياڻيون خوڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃن اچو ته پاڻ ۾ شعور پيدا ڪريون اولاد کي تعليم جي زيور سان سينگاريون جيئن پڙھي لکي قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيون ان لاء وڏي جدو جھد ۽ اھڙن پروگرامن جي ضرورت آھي.