ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو:عمران خان

0
141
متحده ۽ باپ سان رابطي جو فيصلو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو، نواز ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سندن فاشسٽ فطرت ظاهر ٿي ويندي آهي

 ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن سان حڪومت جي هينڊلرز بابت پڻ سنجيده سوال پيدا ٿيا آهن، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان مارچ جي بهاني سان گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو آھي تھ گاريون ڏيندڙن هاڻي گوليون هلائڻ شروع ڪيون آهن، خوني مارچ جا اعلان ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو

ھي به پڙھندا

لاهور:ماڊل ٽائون ۾ گهر تي ڇاپي دوران فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار شهيد