حڪومتي اعلانن جو آبادگارن کي فائدو ٿيڻ گهرجي

0
133
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ کي جيڪڏهن اعلانن جو ملڪ قرار ڏنو وڃي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي. ۽ جيڪڏهن رڳو اعلانن کي ڪنهن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو معيار مقرر ڪجي ته اسان جي ملڪ ۾ ايترا ۽ اهڙا اعلان ٿي چڪا آهن جو اسان جو ملڪ ته دنيا ۾ سڀ کان اسريل ملڪ هجڻ گهرجي ها. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ترقي رڳو اعلانن سان نه ايندي آهي پر انهن اعلانن تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ سان ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي. ملڪ ۾ پهرين ڪورونا جو مرض پکڙيو ته ماڻهن کي امداد جو اعلان ڪيو ويو پر اسان جي ملڪ ۾ ان وقت جيڪا غريب طبقي جي حالت رهي ان جون شاهد ميڊيا جون رپورٽون ۽ اخبارون پڙهندڙ ۽ ٽي وي چينل ڏسندڙ ماڻهو آهن. هاڻ وري جڏهن برساتون پيون ۽ ٻوڏ تباهي آندي ته وري هڪ ڀيرو حڪومتن اعلان ڪيا ته ماڻهن جي مڪمل مدد ڪئي ويندي. انهن اعلانن باوجود سوين ماڻهو رڳو بک جي ڪري فوت ٿيا آهن ڪيترن ئي خودڪشيون ڪيون آهن پر حڪومت جا اعلان برقرار آهن. ان صورتحال ۾ وفاقي حڪومت هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي هارين کي 1800 ارب جا قرض ڏيڻ، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ننڍن هارين تي بينڪ جي قرض جو وياج معاف ڪرڻ، ٻوڏ متاثر ٻهراڙي جي علائقن ۾ نوجوانن کي زرعي شعبي ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ 50 ارب رپين جا قرض ڏيڻ، ڊي اي پي جي في ٻوري جي قيمت ۾ 2500 رپيا گهٽتائي ڪرڻ، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تصديق ٿيل ٻج جون 12 لک ٻوريون فراهم ڪرڻ، ننڍن ۽ وچولن صنعتي ادارن کي قرضن جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکڻ، 3 لک زرعي ٽيوب ويلن کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي قرض فراهم ڪرڻ، زرعي ٽيوب سولر تي منتقل ٿيڻ تائين هارين کي 13 رپيا في يونٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ هارين لاءِ 600 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان پڻ ڪيو  ويو آهي. اسان کي انهن اعلانن تي ڪو به اعتراض نه آهي پاڻ اسان ته خوش آهيون ته ٻوڏ ۾ جيڪي ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن انهن جي حڪومت سار لهي رهي آهي. پر اسان کي جنهن ڳالهه ته خدشو آهي اها ڳالهه انهن اعلانن تي عمل ٿيڻ جي آهي.

جيڪڏهن حڪومت انهن اعلانن تي عمل ڪري ٿي ۽ واقعي حقدار هارين ۽ آبادگارن کي مدد پهچي ٿي ته ان کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪهڙي ٿيندي؟ پر اصل ڳالهه عمل جي آهي ۽ ٻيو ته امداد ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو سياسي فرق نه رکيو وڃي ته هي متاثر اسان جي پارٽي جو آهي ته ان جي مدد ڪئي وڃي ۽ نه آهي ته نه ڪئي وڃي. ان سان گڏ حڪومت رڳو انهن ماڻهن تي نه ڀاڙي جيڪي متاثر طور دانهن کڻي اچن ٿا پر اصل متاثرن تائين به پهچي ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهي جيڪي سڌي ريت حڪومت تائين نه پهچي سگهندا آهن ان ڪري اهو ضروري آهي ته حڪومت حقيقي متاٿرن کي ڳولي انهن جي مدد ڪري. ماڻهن جا اهي خدشا به ختم ڪيا وڃن ته ڪنهن ايپ يا حڪومتي ٽيم جي سروي ۾ ڄاڻي واڻي رهايل حقدار ماڻهن کي مدد نه ملي سگهندي. جيئن ته رياست جو ڪردار ماءُ جو هوندو آهي ان ڪري اسان جي ملڪ جي رياست واري ماءُ سمورن ٻچن جي حقيقي ماءُ بڻجي ۽ ڪنهن سان به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته آبادگارن کي به صلاح آهي ته اهي به اڳتي اچي هن اعلان مان فائدو حاصل ڪن.