ملڪ جون سياسي حالتون ڪيڏانھن وڃي رھيون آھن

 

عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کان وٺي ملڪ سياسي عدم استحڪام جو شڪار آھي۔ جنھن جو ڪارڻ سياسي اڳواڻن وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف آھن، جيڪي گھٽ ٿيڻ بدران ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن. با خبر ذريعن جو چوڻ آھي ته ملڪ جي واڳ ڌڻين ملڪ جي سمورن ساسي اڳواڻن کي بار بار سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ملڪ کي سياسي انتشار کان بچائڻ لاءِ ھڪ ميز تي گڏجي پنھنجا سمورا مسئلا افھام تفھيم سان حل ڪن، پر ماضي جيان اسان جي ملڪ جا سياسي اڳواڻ ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻ بدران ساڳين غلطين کي بار بار ورجائي رھيا آھن۔ عمران خان جي مقبوليت جيڪا سندس حڪومت ۾ مھانگائي جي ڪري ڪافي گھٽ ٿي ھئي، پي ڊي ايم حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ان مھانگائي ۾ ويتر ٻيڻ ٽيڻ تي اضافو ٿيو۔ جنھن ڪري عمران خان جي مقبوليت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي جنھن جو ثبوت ملڪ ۾ ٿيل مختلف موقعن تي ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪاميابي آھي. چيو وڃي ٿو ته ضمني چونڊن جي نتيجن پي ڊي ايم اتحاد کي گھڻو پريشان ڪري  ڇڏيو آھي۔ خاص طرح سان ن ليگ جي مقبوليت تمام گھڻو ڪري چڪي آھي۔ عمران لانگ ماچ شروع ڪري چڪو آھي۔ امڪان آھي ته ايندڙ جمعي تي اهو لانگ مارچ اسلام آباد پهچي سگھي ٿو ۽ اھو لانگ مارچ ھن دفعي خالي ھٿين واپس نه ويندو. ملڪ جي ڪافي غير جانبدار اينڪرپرسنز جو چوڻ آھي ته ملڪ ڪنھن انارڪي طرف وڌي سگهي ٿو، ملڪ جي سمورن سياسي اڳواڻن کي ھڪ ھنڌ ويھي ڳالھيون ڪرڻ کپن ۔

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ

ايمن ۽ اسحاق جا رت هاڻا لاشا، ڌرتي سوڳ ۾ آھي.!

 

زندگي واقعي ڪنهن لاءِ چمڪندڙ صبح ته ڪنهن لاءِ اونداهي رات آھي، پر اهي ديدون جيڪي پنهنجن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هر ڀيري دروازي ڏي کڄي وڃن ۽ پنهنجن جي اچڻ جو انتظار ڪن پر انهن ئي ديدن کي پسڻ لاءِ پنهنجن پيارن جي مرڪندڙ مکڙن بدران رت ۾ لت پت لاش ملن ته پوءِ انهيءَ اذيت کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ڪراچي جيڪا روشنين جي شھر سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ اها ئي ڪراچي جتي ڌرتي وارن جي مقدر سنوارڻ لاءِ فيصلا ٿين ٿا. اتي ئي وحشت جي وڌندڙ بوءِ هر نئين سج ڪو نه ڪو ويڙھو ويران ڪندي ٿي وڃي. اهڙي ئي وحشت جي بوءِ ۾ جنونيت جي جن ۾ ويڙھيل ويرين ننگر ٺٽي جي ايمن جاويد ۽ ٺاروشاهه جي اسحاق پنهور کي وحشاڻو تشدد ڪري ماري ڇڏيو. هي ڳڀرو نه ڪي ڦورو نه ڪي اغوا ڪندڙ پر هڪ ڪمپني جا ملازم هئا. پنهنجي گهر وارن کي الوداع جا هٿ لوڏي نڪرندڙ هنن نوجوانن اهو ئي سوچيو هو ته پنهنجي حق حلال جي روزي مان ڪجهه ڏوڪڙ کڻي وري پنهنجن اباڻن پڊن ڏي وربو وري گهر وارن سان ٽھڪ وکيربا. گهر جي آڳر تي معصوم ٻالڪن سان رانديون ڪبيون پر ايمن ۽ اسحاق کي ڪهڙي خبر ته ساھ ۾ سانڍيل سوين حسرتون لاشا بنجي گهر ڏي وينديون. گهر جي آڳر تي رڳو درد ڳوڙھا ۽ سسڪيون ئي هونديون. بقول ايوب کوسي جي ته:

رڳو ڇڻيو آ رڳو  رڙيو آ

ھي ڏيھه منهنجوسڄو سڙيو آ

رڳو نهارون ناهن  سڙيون

وچن وچن جو ڪفن سڙيو آ

 

اڪبر احمد ٻجورو/ٻيلوشھر

 

استاد بجلي چائنا ڪمپني ٿرڪول مان ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

 

استاد بجلي جو اصل نالو محمد اقبال آھي. پاڻ ڳوٺ حاجي احمد لغاري جا رھواسي آھن پاڻ ھر ڪم ۾ ذھين ۽ چالاڪ ھئا، انھي ڪري استاد بجلي لقب ڏنو ويو. سندس زندگي جي سفر تي اک گھمائجي ته سائين محمد اقبال بجلي کي زندگي جي شروعاتي مرحلي ۾ روحاني عشق ٿي ويو. پاڻ گھمدي ڦرندي شعر و شاعري ۽ راڳ ڳائيندو رھندو ھو. ھارمونيم (باجو) به سکيائين ۽ محفلن ۾ راڳ ڳائڻ لڳو. پاڻ ٿر ڌڻي بادشاھ فتح پور درگاھ جھوڪ شريف تي به رياضت ڪندا رھيا. ان کان پوءِ ڳوٺ ۾ ننڍن ٻارن جا وار ٺاھڻ لڳو ۽ نائي ٿي ويو. بعد ۾ ڪاروبار جو شوق جاڳيس ڳوٺ ۾ سبزي جو ڦٽو لڳايائين. ان کان پوءِ ھڪ ننڍي ڦٽين جي پيڍي کوليائين پوءِ ٽرڪ جو ھيلپر ٿي رھيو. ڪجهه عرصي گذرڻ بعد ڊرائيور ٿي ويو. سندس عشق لاھوت لا مڪان جا چڪر به ڪٽرايا. ڪجهه عرصي بعد فلاحي ڪم ڪرڻ لڳو. شادين خوشين ۾ چانورن رڌڻ لڳو. جنھن به استاد بجلي جا رڌل چانور کاڌا آھن اھو اڄ تائين آڱريون چٽيندو رھيو آھي ۽ بعد ۾ ڳوٺن ۾ ڦُلا ۽ قلفيون کپائڻ لڳو. ان کان پوءِ اٽي جي چڪي کوليائين. سندس منزل اڃا پري ھئي جو چيني ڪمپني ٿرڪول ۾ ڊرائيونگ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏنائين ڪمپني ۾ ڇھه مھينا چڪر ڪاٽيندو رھيو. ڪمپني استاد جي استادي کي مدنظر رکندي ڊرائيور طور رکيو. استاد بجلي جي ڊرائيونگ جي دنيا ۾ حسن ڪارڪردگي کي ڏسندي چائنا ڪمپني ۱۰۰۰۰ روپيا روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو آھي. ھن حسن ڪارڪردگي جي ايوارڊ تي مبارڪباد ڏيون ٿا. مکي جي علائقي ۾ سائين اقبال بجلي جھڙو محبتي ماڻھو ڪٿي ڪونه لڀندو. پاڻ جتي به مليو جِي ۾ جايون ڏنائين .آئون استاد بجلي جي نانءُ جمن دربدر جون سٽون پيش ڪريان ٿو:

وٺي ھر ھر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو،

ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ م ملبو.

 

سرفراز احمد لغاري/ڳوٺ حاجي احمد لغاري سانگھڙ

 

سنڌ، سنڌين لئي فلسطين ڇو پئي ٿيندي وڃي؟

 

سنڌ جي سرزمين محبت، پيار، مهمان نوازي ۽ رواداري ڀائيچاري جي صفتن ساڻ جڳ اندر ڄاتي ۽ سڃاتي ويندي، پر هن وقت سندس سڀ حالتون، ڪيفيتون ماضي جي بلڪل برعڪس ٿيون لڳن. هونئن ته ڪراچي شھر ۾ ارشاد رانجهاڻي جو ڏکائتو قتل هجي، غازي ڳوٺ تي چڙھايون ڪري مسمار ڪرڻ جو ڪڌو ڪم هجي. پ پ پ جي نظر ۾ اک ڇنڀ مان گذري ٿو وڃي پر لاقانونيت جون سڀ حدون پار ۽ ٻن مائرن جون وسندڙ ڇاتيون تڌهن ويران ٿيون جڏهن مڇر ڪالوني جو واقعو رونما ٿيو. مڇر ڪالوني ۾ موبائل ٽاور جا سگنلن کي درست ڪرڻ لاءِ ويندڙ سنڌي انجنيئر ۽ سندس ڊرائيور جي وهم گمان ۾ به نه هوندو ته ھڪ شرارتي جي هُشي تي هي سنگساري جهڙي ڪڌي رسم جو کاڄ بڻبا پر هڪ نه سوين رهزنن ڳڀرن جا سينا پٿرن سان پروڻ ڪري وڌا. سنڌ جي راڄڌاني اندر صرف سنڌي ئي متاثر ڇو؟ افغاني، برمي، بنگالي، سنڌ جي وارثن جي ڌرتي وطن تان اصلوڪن رهواسين کي موت ڏانهن ڌڪي ڄڻ اها دعويٰ ڪندا هجن ته هو سنڌين جي خون جا پياسا هجن. مڇر ڪالوني جو واقعو اهو سڌو سنئون اسان کي سبق ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ٻڌي جو مظاهرو نه ڪيو ته اسان به فسلطينين جيان پنهنجي ڌرتي تي مالڪي وڃائي ويهي رهنداسون.

 

عابد سومرو/ خيرپور ميرس

 

ڪنڌڪوٽ يوسي وڪڙو ۾ ايمانداري سان سروي ڪرائ وڃي !

 

ڪنڌڪوٽ يوسي وڪڙو ۾ تپيدار پاران بااثر وڏيرن جي چوڻ تي ڳوٺن ۾ سروي ٽيم موڪلي وڏيرن جي گهرن جي سروي ڪئي وڃي پئي. ڳوٺ محمد رمضان سبزوئي يوسي وڪڙو ديھه ميٽاهڙ ۾ زميندارن جي گهرن جي ته سروي ڪئي پر غريبن جي گهرن کي نظرانداز ڪري سروي کان رهايو ويو آهي. هن خط ذريعي ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي کي اپيل ڪريون ٿا ته سروي ٽيم کي ڳوٺ محمد رمضان سبزوئي يوسي وڪڙو ديھ ميٽاهڙ ۾ ٻيھر موڪليو وڃي جيئن غريبن جا گهر سروي کان رهجي نه وڃن.

 

نورحسن سبزوئي /ڪنڌڪوٽ

 

ڪراچي واقعي بعد اکيون کلي وڃڻ گهرجن!

 

سنڌ جي راجڌاني ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ماڻھن جي انبوھ ھٿان ديده دليري سان وچ رستي تي بي گناھ بي خطا ٻن سنڌي ڳڀرو نوجوانن جو قتل رياست جي منھن تي چماٽ آھي. رياست شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ بري طرح ناڪام بڻيل آھي. رياست جي رٽ ڪمزور آھي، قانون نالي جو ماڻھن کي ڪوبه خوف ئي ناھي، جو ھتي وحشيت ننگو ناچ ڪري رھي آھي. جيڪو ڏاڍو سو گابو آھي، ماڻھو کي ماريندي وحشي دردن کي خوف ناھي. انسانن کي مارڻ ھنن لاءِ ڄڻ ڪا راند ھجي. ماڻھن کي ماري سيلفيون پيا ٺاھن، هي ته ظلم، بربريت ۽ انتهاپسندي جي به انتها آھي. انساني آزار نوان ناھن، اھڙي ظلم جي داستانن سان تاريخ ڀري پئي آهي. ڪائنات جي ابتدا کان وٺي ھيل تاتين انساني آزارن جا تاريخ ۾ انيڪ مثال رقم ٿيل آھن. ڪڏھن اھي مذھب جي نالي تي ته ڪڏھن لساني بنيادن تي، ڪڏھن بادشاھ جي ٻي سلطنت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاھون ۽ حاڪمن جا مفتوحن مٿان ظلم. انساني زندگيون تاراج ڪيون وڃن ٿيون. وقت جي قلمڪار سندن پڪارن جا پڙاڏا ورنايا آھن. ڪراچي جي مڇر ڪالوني واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي. اھڙا واقعا قلمڪار جي سھپ کان چڙھي ويا آھن. لاقانونيت جي حد ٿي وئي. مڇر ڪالوني اندر ڳڀرو نوجوان پٿرن ۽ بلاڪن ۽ لوھي سرين سان چٿي بيدردي ماريو ويو . قانون ڪٿي گم ٿي ويو ھو؟ حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آھن، بيگناھ نوجوان جيڪي هڪ انتهاپسند گروھ جي هٿان بيدردي سان قتل ٿي ويا، پوليس ڪٿي گم هئي، ڪھڙي ڌڻ سان ھئي جو ھيڏو وڏو واقعو ٿي ويو. ماڻھن جو ھجوم نوجوان تي تشدد ڪندو رھيو. نوجوان بچايو بچايو جون دانھون رڙيون ڪوڪون ڪندا رھيا پر کين بچائڻ لاءِ ڪير به نه پھتو. ھن واقعي جي سنڌ حڪومت ۽ ٽيليڪام ڪمپني مقتول نوجوانن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪري ۽ اهڙي ڀيانڪ واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪري قتل ۾ ملوث ڪردارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻاھرين ملڪن مان تڙيل افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، نه ته سڀاڻي اھي توھان ۽ اسان جا ٻچا کائيندا ۽ توھان ۽ اسان سواءِ تماشي ڏسڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگھنداسين.

 

وحيدعلي ڄامڙو

 

ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور جو قتل ۽ اسان

ڪراچي جي مڇر ڪالوني جي بنگالي پاڙي ۾ ڪجهه شرپسندن ٻن انجنيئرن کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. جنهن مان  ٺٽي جو رھواسي ايمن جاويد ھڪ پرائيويٽ ٽيلي ڪام ڪمپني جو ملازم ھو ۽ اسحاق پنهور ٺاروشاهه جي ڀرسان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو. ٻار اغوا ڪرڻ وارا هجڻ جي شڪ ۾ کين هجوم قتل ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ قتل ڪيل ٻنهي ڄڻن وٽان ڪو به هٿيار هٿ نه آيو آهي، علائقي جا رهواسي کين ڪڏهن چور ۽ ڪڏهن اغوا ڪندڙ سڏي رهيا آهن. ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته منصفاڻي ۽ غيرجانبدارانه انڪوائري ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي.

 

عائشه خان ڏاھري

 

ماما عارب:کاهوڙي ۽ آدرشي ڪردار

 

اسان جي سنڌ ڌرتي کي اھو اعزاز حاصل آهي ته ان ڌرتي ھر دور ۾ دودا ۽ بھادر انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي مٽي سان توڙ تائين نڀاءُ ڪيو آهي. بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن ڏيکاءُ جي اھي صرف پنهنجي ڌرتي سان عشق ڪندا رهيا آهن ۽ انهيءَ عشق ۾ پنهنجي سر جو نذرانو پڻ ڏئي ڇڏيندا آهن. اھڙين شخصيتن مان پليجي صاحب جو ويجھو ساٿي ماما عارب پڻ ھڪ آهي. جنهن پنهنجي پوري زندگي پنهنجي مظلوم ۽ پورھيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري آهي ۽ انهن جي حقن جي خاطر زندگي ارپي ڇڏي آهي. توڙي جو ماما عارب 1970ع واري دور ۾ ھڪ سيڪنڊري استاد ھو پر ڌرتي سان محبت جي ڪري ان پيشي کان الوداع ڪري ماما ھڪ فيڪٽري ۾ آپريٽر طور ڪم ڪيو. سرمائيدارن جي اصليت کان جڏهن واقف ٿيو ته فيڪٽري مالڪ پورھيتن سان ڪھڙو سلوڪ ڪن ٿا، ان وقت  ماما اڪيلي سر وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ڪيترائي ساٿي گرفتار پڻ ٿيا جنهن کان پوءِ ماما جي پليجي صاحب سان ملاقات ٿي. ماما جو وڏو ڀاءُ چاچا يوسف ڪيڙانو اڳ ۾ ئي پارٽي جو حصو ھو.  چاچا يوسف جي ڪري ئي ماما جي پليجي صاحب سان ملاقات ٿي. ماما عارب جو ڪردار ڪنهن عظيم شخصيت کان گھٽ ناهي. مون جھڙين ھزارين ڇوڪرين جو ماما استاد آهي، جنهن ھميشه اسان کي اتساھ  ۽ ٻين جي خاطر وڙھڻ سيکاريو آهي. پارٽي جي ڪنهن به ڪارڪن ماما کي  پنهنجي والد کان گھٽ ناهي سمجهيو. جڏهن به ماما سان ملاقات ٿيندي آهي يا گھر وڃڻ ٿيندو آهي، ڄڻ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسان پنهنجي بابا جي گھر ئي آھيون. ماما جو اتساھ  ئي اسان جي لاءِ وڏي اھميت رکي ٿو. مون ھميشه  ماما کي پارٽي جي ھر پروگرام ۽ پارٽي جي سرگرمين ۾ جدوجهد ڪندي ڏٺو آهي توڙي جو پارٽي جي جلسن جلوسن جي ڪارڻ ماما ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو آهي پر جيل کان پوءِ به ماما ڪڏهن گھر ۾ ھٿ تي ھٿ رکي نه ويٺو. ويھڻ بدران هن کي ھميشه پليجي صاحب سان گڏ سنڌ جي مظلومن جي حقن خاطر وڙھندي ڏٺو. ماما ڪڏهن به قوم جي دشمنن ۽ غدارن کي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه  ڏنو ھو ھميشه جدوجهد جي ميدان تي رھيو آهي ۽ وڙھيو آهي، ماما عوامي تحريڪ ۾ مختلف محاذن ۾ پڻ ميمبر رھيو آهي. جنهن ۾ 1970ع م ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪاميٽي جو صدر  عوامي نيشنل پارٽي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر توڙي ٻين تنظيمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ پارٽي جي مختلف ريلين ۽ تحريڪن دوران جيل پڻ ويو آهي. جنهن ۾ آگسٽ 1970ع ۾  ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪريو تحريڪ ۾ هڪ مھينو 13 ڏينهن  جيل ۾ رهي سختيون برداشت ڪيون. سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ڌارين کي ڏيڻ بند ڪريو تحريڪ دوران 1974ع ۾ 3 ھفتا جيل ۾ رھيو ۽ 1978ع ۾ ڀٽو بچايو تحريڪ ۾ ھڪ مھينو جيل ۾ رهيو ۽  ٻين ساٿين سان گڏ گرفتاريون پڻ ڏنيون. عوامي تحريڪ جي سڀني لانگ مارچن ۾ شامل رهيو، جنهن ۾ 1994ع ۾ حيدرآباد کان ڪراچي، ڀٽ شاھ کان ڪراچي واري لانگ مارچ جنهن ۾ سڀني گرفتاريون پڻ ڏنيون. 2004ع سکر کان ڪراچي  2009ع ڪشمور کان ڪراچي 2017ع اسلام ڪوٽ کان ڪراچي  لانگ مارچون ڪيون. ماما سراپا عشق هو. ماما جي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اڄ به ماما زندگي جي سفر ۾ بيمارين باوجود عملي ۽ جدوجهد جي اول صف تي آهي. اهڙن ڪردارن کي جيئري مڃتا ڏيڻ جي ضرورت آهي. ماما عارب پورهيت طبقي جي ماڻهن جو ايترو ته ڀرجهلو آهي جو هو ٿڪجڻ بدران لطيف جو سهارو ٿو وٺي ته:

ڏوٿي جا ڏورين، سا جوءِ ٻڌي نه سئي،

پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين،

وڃي ات ووڙين، جتي نهايت ناهه ڪا.

ماما جي انقلابي ۽ عوامي جدوجهد جو ڪارڻ استاد پليجو صاحب ئي آهي، جنهن ماما عارب جهڙا ڪردار اسان کي تراشي ڏنا ۽ اها سُتي ڏني جيڪا اسان وٽ ماما عارب جي شڪل ۾ آهي. ماڻهو لالچن ۽ لوڀن ۾ وڪامجي ويندو آهي پر آدرشي اصولن ۽ نظرياتي ڪارڪن ڪڏهن به ناهي وڪامبو. ماما حوصلو آهي، جستجو آهي تسلسل آهي ۽ اهڙا تسلسل ڪڏهن به ناهن ٽٽندا. ماما عارب جهڙا ڪردار ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ ماما جي جدوجهد اسان قومي ۽ نظرياتي ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه آهي. جيڪا ڏياٽي ماما عارب ٻاري آهي اها هڪ ڏينهن سرخرو ٿيندي. ماما لاءِ بس اهو ئي چوندس ته:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

 

شازيه جوڻيجو

ٻار والدين جو آئينو آهن

 

ابابيل پکي پنھنجا آکيرا کوھ ۾ ٺاھيندا آھن انھن وٽ پنھنجن ٻچڙن کي اڏامڻ جي تربيت ڏيڻ لاءِ ڪا به سھولت يا کليل ميدان نه ھوندو آھي. نه ئي ڪچي تربيت سان ٻچڙن کي اڏامڻ جو چئي سگھندا آهن ڇو ته پھرين اڏام ۾ ناڪامي ٻڏي مرڻ جو دردناڪ موت ھوندو آھي ۽ وڌيڪ ڪنھن ڪوشش جو موقعو ملڻ ناممڪن ھوندو آھي پر اڄ تائين ڪنھن به ابابيل جي ٻچي کي کوھ جي ڀرسان مئل نه ڏٺو ويو آهي. ته پوءِ سمجھڻ لاءِ اھو ئي ڪافي آهي ته ابابيل پنھنجن ٻچڙن جي حصي جي تربيت به پنھنجي ذات پاڻ ڪندا آھن. ٻچڙن کان پھرين ابابيل پنھنجن آکيرن مان سڄي ڏھاڙي پھريان25 پنجويھه اڏامون ڪندا آھن ٻچڙن جي بيضن مان نڪرڻ کان پوءِ ابابيل 75پنجھتر اڏامون ڪندا آھن، اھڙي ريت ماءُ پيءُ ڏيڍ سو اڏامون ڪري وٺندا آھن. اِھي پنھنجن ٻچڙن جون دليون دماغ يقين سان ڀري ڇڏيندا آهن ته ھتان کوھ مان اڏامي سڌو ٻاھر نڪرڻو آھي بس.!! ٻيو ڪوبه آپشن ناھي ھڪ ڏينھن ايندو آھي جو ابابيل جو ٻچو ھٿ مان اڇلايل پٿر وانگر آکيري مان نڪرندو آهي سڌو کوھ جي مٿين ڪناري تي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ويھي رھندو آھي. اسان جا اولاد به اسان جي يقين مان پنھنجو حصو ماڻيندا آهن جيڪر اسين پاڻ يقين ھمتن کان وانجھيل ھونداسين ته پنھنجي اولاد کي ڇا ارپينداسين؟؟ٻچڙن کي ڪھاڻيون نه ٻڌايو پر عمل ڪري ڏيکاريو. يقين ڪريو اھي جيترو اوھان تي اعتبار ڪن ٿا ايترو دنيا جي ڪنھن به ڪتابي ھيرو تي اعتبار نه ٿا ڪن. اولاد جي خرابين ۾ اسان جو پنھنجي ڪوتاھين جو ھٿ ھجي ٿو. اولاد اسان مائٽن کي پنھنجو رھبر سمجھندا آھن اسان جي ڪردار جو انتھائي دلچسپي سان جائزو وٺندا آھن، جيئن جيئن اسين ڪوڙ ڳالھائيندا آھيون گھر ۾ ھجڻ باوجود ڪو ٻاھران پڇا ڪندو آھي ته چورائيندا آھيونس ته بابا ڪونھي پنھنجن دوستن کي دوکا ڏيندا آھيون ڪوڙا واعدا ڪندا آھيون، ماڻھن تان ٺٺوليون ڪندا آھيون مذاقن نالا تبديل ڪندا آھيون. ڪنھن سان ذلت آميز رويا رکندا آھيون. حرام جو پگھار وٺي سڄو ڏينهن گذارڻ لاءِ ٻين جون زندگيون برباد ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ مصروف ھجڻ، زالن تي ظلم سميت انيڪ برايون اسان ۾ ڏسڻ کان پوءِ اولاد جي نظرن ۾ ڪري پوندا آھيون. ھڪ وقت ايندو آھي جو انھن وٽ اسان مائٽن جي حيثيت ٽڪي جھڙي رھجي ويندي آھي. انھي وقت اسان کي پنھنجو شناختي ڪارڊ ڏيکاري کيس چوڻو پئجي ويندو آھي اڙي شرم ڪر ڙي تنھنجو پي آھيان. زندگي ۾ اھا ٻڌائڻ جي جن کي نوبت ايندي آھي اھي پھريان عروج مھل زنده لاش ھوندا آھن خود غرض ھوندا آھن.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول