اشو آف دي ڊي … سنڌي ادبي سنگت ٻه ناهن..بحث

0
138

 سنڌي ادبي سنگت ٻه ناهن، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويو، ان حوالي سان ممتاز بخاري بلاگ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ادبي سنگت ٻه ناهن….ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادبي سنگت ۾ ٻن کان وڌيڪ مختلف خيالن جا قلم ڌڻي هئا ۽ هن وقت به آھن. ادبي سنگت ۾ ان جي آئين موجب، هر تخليقڪار ميمبر ۽ عهديدار ٿيڻ جو حق رکي ٿو. جڏهن، احمد سولنگي صاحب ٻيو ڀيرو سيڪريٽري جنرل ٿيو ته ڪجهه وقت بعد ڪجهه دوست الڳ ٿيا ۽ پنهنجي الڳ باڊي ٺاهيائون، مان ان ۾ نه ٿو پوان ته قصور ڪنهنجو هو ۽ ٻيا دوست ڇو الڳ ٿيڻ تي مجبور ٿيا؟ اهو قدم غلط ۽ غير آئيني هو، اداري ۾ رهي سڀ ڪجهه ڪرڻو هو، مشتاق ڦل صاحب جي وقت ۾ به درست يا غلط ھڪ ڌر جا اعتراض هئا پر ادارو ڪون ڇڏيو ويو. معاملو ڪورٽ ۾ به ڇڏي ويل ڌر کڻي وئي، يا احمد سولنگي جي ڌر، (نوٽ: هي ايڊٽ مشتاق صاحب جي اعتراض موجب شامل ته اهي ڪورٽ نه ويا ھئا) ڪير به  ۽ فيصلو سڀني جي سامهون آيو ته احمد سولنگي صاحب ئي سيڪريٽري جنرل طور سنگت جي ادارن جي فيصلي موجب وهنوار هلائي، ٻيو ڪو گروپ يا شخص ادبي سنگت جي نالي ۽ لوگو کي استعمال نه ڪندو. ان فيصلي آڌار دوستن کي سنگت جي اداري ۾ اچڻو هو پر ڳالهه راڄوڻي ڏانهن کڻي ويا، جيڪو عمل سنگت جي روح جي منافي هو، يا ته سينئر اديبن ۾ ڳالهه طئي ڪري اداري ۾ آڻجي ها يا وري ادارو ئي آئين موجب سڀ طئي ڪري ها، جنهن ۾ تضاد نبيرڻ جا واضع رستا آھن. مون اهڙي صلاح اڳ به ڏني ته ادارو ئي اهم آھي ۽ هاڻي چونڊن بعد الڳ ٿيل دوست وري اچي سگهن ٿا پر قانون ۽ آئين موجب. ٻي سنگت ساڳي نالي سان نه ٿا هلائي سگهن ۽ نه وري اهي سوسائٽي ايڪٽ تحت رجسٽرڊ باڊي آھن، ان ڪري سنگت هڪ آھي. ان کي ٻه سنگتون چوڻ به غيرقانوني آھي. حيرت انگيز ڳالهه ته اها به ٻڌڻ ۾ آئي(هڪ مرڪزي عهديدار ڪنفرم به ڪئي)  اٿم ته سولنگي صاحب، ڦل صاحب کان اڪائونٽ به ٽرانسفر ڪونه ڪرائي سگهيو آھي. ان حساب سان ٻنهي لاڳيتو غير آئيني ڪم ڪيو آھي. ان ڪري سمورن معزز دوستن کي گذارش آھي ته آئين جو دڳ وٺن، ڦل صاحب ۽ سولنگي صاحب جي نيڪ نيتي تي ڪو شڪ ناهي، کين وري به ساڳي صلاح ته ادارن ۾ ڳالهه کڻي اچن. انهن جون ملاقاتون سٺي ڳالهه هيون ۽ هاڻ ايندڙ باڊي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ساگر ميمڻ لکيو ته توھان کان ھي سوال ڪجن ٿا، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ٻنهي ڌڙن ۾ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ مجيد ڪيريو ۾ جيڪو فيصلو ٿيو ھو، احمد سولنگي فيصلي کان پوءِ ڳالهين تان ڦري ڇو ويو؟ ٻيو سوال ھي آھي ته احمد سولنگي ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي وچ ۾ حاليه وقت ۾ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ جيڪي ڪوشش ڪئي وئي، ٻنهي لاڳاپيل ڌرين جي موقف موجب جن ڳالهين تي اعتراض ھئا، اُھي ۽ ٻيون تقريبن سموريون ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون ھيون، صرف سنڌ ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ اعلان ڪرڻو ھو، احمد سولنگي پنهنجي ڌڙي جي اڳواٽ چونڊن جو اعلان ڪري ڳالهين تان ھٽي ڇو ويو؟ ٻيو اھم سوال ھي آھي ته احمد سولنگي بار بار ڳالهين دستبردار ٿي وڃي ٿو، ۽ آخر انهي جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟ ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو ته فيصلي ۾ گروپ جو ڪو ذڪر ناهي! فيصلو گهرائي پڙهو. صرف اهو لکيل آهي ته مشتاق ڦل ۽ سيال صاحب ذاتي مقصد لاءِ استعمال نه ڪندا.پر سنگت مان ان فيصلي بعد جنهن ۾ مان ميمبر به هيس خارج ڪري ڪوڙي ۽ ڍونگ تي مشتمل چونڊ ڪرائي وئي. اوهان فيصلو پڙهيو ئي ناهي. ڀلا ان کي ٽن مهينن اندر چئلينج ئي ڪيو ها جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ اسان واري سنگت غلط هئي ته! هي معاملو سول ڪورٽ جو آهي. مان سنگت جي مفادن ۾ خاموشي ڪئي ته معاملا ٺهي وڃن شل. منهنجي نيڪ نيتي ۽ ڪوششن جي احمد صاحب به تعريف ڪئي آهي. اوهان سکر تائين محدود آهيو ۽ هڪ طرفو پيا هلو، ان سان اوهان جي ساک متاثر پئي ٿئي، سدائين ڌر تي لکندا رهيا آهيو. رڪارڊ جي درستگي لاءِ 3 ڳالهيون پيش ڪيان ٿو ته 1ڪورٽ ۾ اسان نه ويا هياسين. 2 اڪائونٽ ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ نئين چونڊيل باڊي کي بئنڪ سان رجوع ڪرڻو هوندو آهي نه ڪي گذريل باڊي ٽرانسفر ڪرائي ڏيندي آهي. 3 احمد ۽ اسان ۾ تاج جويي صاحب جي سامهون اها ڳالھ طئي ٿي هئي ته سڀ معاملا درست ڪري افراتفري کان بچڻ لاءِ گڏيل فهم سان سولا ڪري سنگت جي ئي مرڪزي اجلاس مان ڪارونهوار طئي ڪرايو ويندو ۽ بعد ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. عزيز قاسماڻي لکيو ته توهان کي ڪهڙو حق ۽ ڪهڙي قاعدي مطابق ادبي سنگت تي بحث ٿا ڪريو، ادبي سنگت تي ڳالهائڻ جو اختيار ڪهڙو آهي،ڄام فتح سميجو لکيو ته بهترين تجويز، سڪندر مگسي لکيو ته بلڪل صحيح صلاح ۽ ادارو ئي سپريم آهي جتي ويهي فيصلا ڪجن. ادارو ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ڪونهي. اداري ۾ اچي ڪو ننڍو يا وڏو ڪونه ٿي ويندو. نه ئي ڪنهن جي انا مجروح ٿيندي. سڀ قانوني ۽ آئيني طريقي سان سنڌ سنگت جي جنرل باڊي ۾ اچي فيصلا ڪرائين. درد هوش محمد ابڙو، اسد چاچڙ، بيخود بلوچ، امر اقبال، لڪي علي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، قاسم ملڪ لکيو ته سڀ ڪجھه سمجهي، ڄاڻي پوءِ ھڪ ڌُر کي صحيح ٿا سمجهو، تازو ئي ھاڻي جيڪي ڳالھيون ڊاڪٽر مشتاق ۽ احمد سولنگي وچ۾ ٿيون، ھڪ سنگت ٿيڻ جون، انھن ڳالھين کي ڪنھن سبوتار ڪيو، ڪنھن احمد سولنگي کي پريشر وجهي خاموش ڪيو، ڇا توھان کي خبر ناھي، سڀ خبر آھي اوھان کي، سڀ ڪجھه سمجهيو ٿا، اصل ڳالھه آھي ته ھڪ سرڪاري ادبي سنگت آھي ۽ ٻي عوامي ادبي سنگت آھي، غير سرڪاري،ان جي ڪري ٺاھُ ٿيندو ئي نه، ڇا سرڪاري دورن تي ڪير ويندا آھن، اسلام آباد ھوائي جھازن جون ٽڪيٽون وٺي ڪير سرڪار وٽ، سرڪاري پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا آھن، ھن وقت جڏھن سموري سنڌي نوجوان جي بي رحنمانا قتل تي سوڳ ۾ آھي ۽ اسان جا اديب شاعر سرڪاري ياترا تي جھازن جون ٽڪيٽون وٺي اسلام آباد ويا آھن، اِھو فرق آھي.