حڪمرانن شڪور ڍنڍ کي ڪشميرمسئلو بڻائي ڇڏيو آھي

0
245
توهين-جاالزام-هڻي-انسانيت-جو-قتل

  تمام وڏي وقت کان سنڌ سرسبز ۽ زرخيز رهي آھي جنهن جو بنيادي ڪارڻ سنڌودرياءَ آھي، سنڌ اندر 3500 قبل مسيح کان پوکي راهي جو بنياد پيو ، جنهن ڪري سنڌ جي ڳوٺاڻي معيشت وڏو وقت پنهنجي پيرن تي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ اندر  ڏاس، ان،جانورن جو چارو، سڻي،ڪپھھ،ڪمند،کجور،کير، مکڻ، ميوا، ڀاڄيون، خوراڪ، گوشت ۽ ٻيون مختلف شيون پيدا ڪندڙ ٻهراڙيون آهن. شروع کان ڏٺو ويو آھي تھ ٻهراڙين ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي کوٽ هئي. انگريز سرڪار هجي توڙي اڄوڪي دور ۾ سنڌ جي ٻهراڙين کي هٿ وٺي نظرانداز ڪيو ويو آھي . اسان وٽ تعليم جون سهولتون بنھھ گهٽ رهيون آھن. آبادگارن، زميندارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي ٻارڙن جو وڏو انگ شهرن ۾ پرائيويٽ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي ٿو. جتي بورڊنگ ۾ رهڻ، فيون ادا ڪرڻ نجي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ ڪري ڳرو خرچ ڀري ٿو انهي ڪري طبقاتي نظام تعليم جي ورڇ بھ شهر ۽ٻهراڙي جي بنياد تي ٿي آھي.   اها ڳالھھ 1920ع تائين محسوس ڪئي پئي وئي تھ ڳوٺاڻي زندگي پسماندگيءَ جو شڪار  آهي، حالانڪھ انهي پسماندگي جو هڪ ڪارڻ خود ايريگيشن نظام  پڻ آھي. سانوڻي جي ڏينهن ۾ جھجھو پاڻي ۽ بعد ۾ سوڪهڙو ھوندو هو ،جنهن ڪري پڇڙي جو  آبادگار سڀ کان وڌيڪ سفر ڪري ٿو، سندس دانهن ڪوڪن باوجود من پسند زميندارن کي پاڻي ملندو رهي ٿو، جنهن ڪري پڇڙيءَ وارا آبادگار قحط سالي جي حوالي ھجن ٿا،پاڻي جي  هڪ ڪري فراهمي نھ  هجڻ ڪري پڻ ڳوٺاڻي سطح تي تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا رهن ٿا،  نتيجي ۾ 2 کان 5 سالن جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ڪو فصل سٺو ٿيندو هو.تھ ڪڏهن آبادگارن کي گهاٽو ٿيندو هو،  بحرالحال  پاڻي جي کوٽ سبب ٻهراڙين ۾ ڪمزور معيشت کي غربت جو ڪارڻ سمجھيو ويو.

1843ع ۾ جڏهن انگريز سنڌ تي قبضو ڪيو تھ سنڌ جي آبادي 14 لک هئي.ان دور ۾ ڪراچي  ۽ حيدرآباد ۽ سکر  کانسواءِ ھڪ يا ٻھ هزار آبادي وارا شھر هئا، ڪراچي جي آبادي پڻ لڳ ڀڳ ويھھ ھزار هئي،حيدرآباد جي پڻ ساڳي آبادي هئي جڏهن تھ سکر ۽ روهڙي ٻئي جاڙا شھر ۽ بندرگاهھ هئا ان ڪري انهن جي پڻ لڳ ڀڳ ڏھھ ڏھھ هزار آبادي هئي،  جنهن ۾ 25 سيڪڙو هندو هئا. جيڪي اڪثر ڪاروباري ماڻهو هئا، ڪي زمينداري پڻ ڪندا هئا.

 لاڙ پٽ ۾ هارپو ڪندڙن جي اڪثريت هندو هئي، جيڪي ڪولهي ڀيل ماڙيچا ميگهواڙ اوڏ بازيگر وغيره آھن، اڄ تائين اڪثريت  ۾ اهي ئي آهن.  نھ فقط انتهائي ڪسمپرسي واري زندگي گهاري رهيا آهن،  بلڪھ هندو هجڻ پڻ  انهن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي،

جڏهن تھ پهرين جنگ عظيم جي خاتمي کانپوءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون، ٻهراڙيون محصول ڀري عام استعمال جون شيون خريد ڪرڻ واري قوت ۾ نھ رهيون. 1917ع کان 1942ع تائين جيڪي خوشحال ماڻهو هُئا، اهي وڏي پئماني تي قرضي ٿي ويا. سندن زمينون ڪاروباري واڻئي وٽ گروي ٿي ويون، معاشي ڀونچال ماڻهن کي قرضي بڻائي ڇڏيو، وياج جي ڦند ۾ ماڻهو ويا ڦاسندا، تڏهن سول ڪورٽن حڪم ڏنو تھ زمينون وياج خورن حوالي ڪيون وڃن،  انڊين ايڪٽ تحت وجود ۾ آيل سنڌ اسيمبلي 1937ع ۾ لينڊ اينيشن بل نالي هڪ قانون وسيلي سفارش ڪئي تھ جن زميندارن کان 1917ع کان 1937ع تائين زمين وياج جي مد ۾ ورتي وئي آهي،اها واپس ڪئي وڃي ڇاڪاڻ تھ زميندارن قرض کان وڌيڪ وياج ڀريو آهي، زمينون هندن وٽ گروي هيون، پراسيمبلي جي هندو ميمبرن به بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

1869ع ۾ سکر بئراج جي تجويز ڏني وئي. 1922ع کان ع1932 تائين هي بئراج جڙي راس ٿيو. هن بئراج سنڌ جي ٻهراڙي جي ترقي جون واٽون چٽيون ڪيون. وچولي طبقي کي پاڻي جي فراهمي جو آسرو ٿيو. ننڍن وڏن شهرن ۾ خوشحالي آئي، تعليمي ادارا قائم ٿيا. 1940ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج قائم ٿيو. سنڌ اندر تعليمي رجحان وڌڻ لڳو،  ڪاليج قائم ٿيا، جتي ٻهراڙي جي شاگردن جو بنھھ جھجھو تعداد پڙهڻ لڳو. 1946ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي. سنڌ ۾ يا پرڏيھھ پڙهندڙ شاگردن کي اسڪالر شپون ملڻ لڳيون. ملازمتن ۾ ٻهراڙي جو 46 سيڪڙو رکيو ويو. پر ورهاڱي ٻهراڙين جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. ڌاري آبادي جي لوڌ سڀني نوڪرين ۽ سهولتن تي قابض ٿي وئي. ورهاڱي وقت فوج ۾ 80 سيڪڙو برطانيھ دور واري پنجاب ريجمنٽ جا ماڻهو هئا، انهن جو تعلق پنجاب جي مخصوص ضلعن سان هو. برطانوي حڪومت سان 1858ع واري بغاوت کان وٺي اتر هندستان جي هنن ماڻهن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ زمينون ڏئي سول ادارن ۾ ڀرتي ڪيو ويو. پاڪستان ۾ بھ ان اداري جي ماڻهن کي خوش رکيو ويو، سنڌ ۾ اهڙي آبادي جا چڪ ٺهي ويا، جن کي بئراج تي آباد زمينون پڻ الاٽ ڪيون ويون،  تازو پ پ حڪومت جو آخري وزيراعظم پرويز اشرف انهيءَ آباديءَ مان سانگهڙ ضلعي جي چڪ جو رهواسي هو. 1958ع جي مارشل لا هن اداري لاءِ سڻڀو گرھھ ثابت ٿي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين انهن حوالي ڪئي وئي. مارشل لا جي دور ۾ ڏاڍ ۽ انياءَ جي حد ڪئي وئي سنڌ جي زمين تِڳائي  وئي. مقامي ماڻهن کي زمين جي حق کان ماڳھين محروم رکيو ويو، مٿان وري ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي سڃاڻپ ئي ختم ڪئي وئي.

1969ع ڌاري صوبن جي بحالي تھ ٿي پر 15 سالن دوران اولھھ پاڪستان جي گڏيل وفاقي فنڊ مان پنجاب ۾ ايريگيشن سَر ڪلر جي خاتمي لاءِ وڏيون رٿائون شروع ڪيون ويون، فنڊ چئني صوبن جا هئا پر اهي سڀ فنڊ مارشل لا ئي طاقتن پنجاب تي خرچ ڪيا. جنهن سبب پنجاب جي بالادستي سڀ ني صوبن تي حاوي  رهي.

 1958ع جي مارشل لا سبب فيلڊ مارشل ايوب خان جي ڪري پٺاڻ پڻ اسٽيبلشمينٽ جو حصيدار بڻجي ويو. اردو ڳالهائيندڙ اڳ ئي فوجي بيورو ڪريسي ۽ ڪوڙن ڪليمن جي زمينن سبب رياستي طاقت مان مستفيذ ٿي چڪا هئا.  زراعت کاتو شروع کان مرڪزيت جو شڪار رهيو. ريسرچ جو ڪم ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي حوالي ڪيو ويو. وفاقي حڪومت جو خودمختيار ادارو زراعت لاءِ مخصوص ڪيل فنڊن جو 80 سيڪڙو خرچ ڪندو  آهي. ڪپھھ پڻ سينٽرل ڪاٽن ڪمپني جي ڪنٽرول ۾ رهي. نتيجي ۾ سنڌ ڪپھھ سميت سموري زراعت ۾ پٺتي رهجي وئي. پنجاب پاڻي تي بھ ڌاڙا  هڻڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پنجاب بمپر پرائيز فصلن ۾ اڳيان اڳيان رهيو. چانورن ۾ گهٽ معيار وارا چانور سنڌ جي حصي ۾ آيا.

سنڌ جي زراعت کي نھ فقط پنجاب جي بالادستي ۽ وفاق جي پاليسين سبب نقصان پهتو آهي،مٿان وري جيڪي ٻوڏ ۽ ڊزاسٽر اچن ٿا انهن ڪري بھ سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي ڀوڳڻو سفر پوي ٿو. 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن  توڙي 2000ع دوران سنڌ تمام گهڻو لوڙيو آھي پر ان کانپوءِ لڳاتار 20007ع  2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن ۽ برساتن دوران سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آھي جنهن جي بنيادي ڪارڻ پنجاب جي سم ڪلر ۽ فيڪٽرين جي پاڻي کي  سنڌ مان اڪاري سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، هن سڄي عمل ۾ ورلڊ بينڪ هنن جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

980 1۽ 1981ع ۾ پنجاب جي زمينن کي بقا ڏيڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبن جو بنياد رکيو ويو جنهن جي باري ۾مقامي ماهرن بجاءِ واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي انهن ماهرن پلان تيار ڪيو جن کي سنڌ جي موسم ۽ نيچر توڙي آبي گذرگاهن جي ڪا بھ ڄاڻ نھ ھئي،

 پهريان ايل بي او ڊي ۽ ايم اين وي ڊرين ٺاهي  سنڌ مان پنجاب جي گندي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کانپوءِ آر بي اوڊي تي پڻ ڪم شروع ڪيو ويو. نھ فقط اهو پر سڄي سنڌ اندر سمورا فطري آبي گذرگاھھ بند ڪري زمينن تي قبضا ڪري سنڌو درياءَ جي لکين ايڪڙزمين مٺي پاڻي جون ڍنڍون ويندي پراڻ ھاڪڙو تي پڻ قبضو ڪيو ويو بلڪھ ھتي وڏو الميو اهو آھي تھ سنڌ جي ايگريڪلچر لينڊ کي ڌڙا ڌڙ  حڪمران طبقا اربن لينڊ ۾ تبديل ڪري رهيا آھن.   جنهن سبب هر واري برسات هجي يا دريائي ٻوڏ اها حڪمرانن جي مرضي ۽ منشا تحت اچي ٿي پوءِ ڊيم ٽوڙن، ٽوڙي بند کي ڪٽ ڏين ڌامراهھ منڇر حمل ايم اين وي ڊرين يا ايل بي او ڊي کي ڪٽ ڏيئي اڌ سنڌ ٻوڙي پوءِ ضد ڪري بيهن تھ ھاڻي هو پراڻ کي ڪٽ ھڻڻ قطعي نھ ڏيندا.  اسين بار بار اهو چئون ٿا تھ بابا سڄو مامعلو ڇوڙ جو آھي، پراڻ درياھھ پنهنجي قدرتي نيچر تحت شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ جو پنهنجو فطري حق رکي ٿو پر هنن جو پنهنجن گروهي مفادن سبب سٽ منجهيل آھي. ھي منصوبو 1982ع ڌاري روشن آباد نئون ڪوٽ روڊ يعني آر ڊي 75 وٽ پهچايو ويو تھ انڊيا ان زھر کي موت مار سمجهي عالمي عدالت ۾ ڪيس ڪيو ھو ۽ دنيا جي ٻين فورمن تي به رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، تھ ان ڊرينيج جي زھريلي پاڻي سان شڪور ڍنڍ جي آبي جيوت کي وڏو ڌڪ لڳندو، نتيجي ۾ 87ع ڌاري اھو ڪيس انڊيا کٽي ويو، ھاڻ جي پاڪستان اھو پاڻي شڪور ڍنڍ ۾ ڇڏيندو تھ عالمي قانون تحت ڏنڊ ڀريندو،

تنھن ڪري ھنن ڇا ڪيو تھ آر ڊي 52 يعني ڊي پي پوائنٽ آر ڊي 252  وٽ ايل بي او ڊي، درياھھ پراڻ ۽ ڍوري کي ملائي ڇڏيو، هي منصوبو جيئن تھ ناڪام ھو جنهن سبب ان وقت جي ايل بي او ڊي جي چيف انجنيئر احمداڻي صاحب استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي، اھو سڀ رڪارڊ تي موجود آھي.

پوءِ هنن ڪامورن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ڪميشنون ڦٻائڻ لاءِ  پراڻ درياھھ کي ھيٺان کڻي مٿين سطح واري ايل بي او ڊي ۾ وڌو ۽ پراڻ کي ڳنڍو ڏيئي ڇڏيو، نتيجي ۾ ان کانپوءِ دنيا ڏٺو تھ 2011ع توڙي 2022ع ۾ زبردست برساتن سبب اڌ سنڌ ٻڏي ويئي.

جڏھن ته سنڌو درياھھ جي ساڄي طرف واري آر بي او ڊي کي مروڙي سنڌو درياھھ ۾ وڌن جڏهن تھ ايم اين وي ڊرين پڻ ڊرگھه حمل ۽ منڇر جي مٺي پاڻي سميت درياھھ جي پاڻي کي پڻ زهريلو ڪري ڇڏيو اهوئي سبب آھي تھ گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ هيپاٽائيٽس ڪينسر  مليريا ڊينگي ۽ گيسٽرو اسڪن ڊزيز جو شڪار آھي.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تھ سنڌ جي نڌڻڪائي جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟ پياري پنجاب جي ڪري شڪور ڍنڍ جي حد بھ ڪشمير وانگر تڪراري بڻجي پئي آھي، ميپ ۾ چيڪ ڪجي ته لڪير سڌي ھجڻ جي بجاءِ ٽٻڪن ٽٻڪن جي صورت ۾ نظر ايندي ان جو مقصد ته اھو ھنڌ ٻن ملڪن جي وچ ۾ تڪراري آھي.

شڪور ڍنڍ جو ميپ اڄ بھ ٻڌائي ٿو تھ  ڍنڍ وچان اڌو اڌ ٿيل نظر ايندي، ۽ پراڻ درياھھ جو اھو حصو ڇر ڍورو سڏجي ٿو.

انگريز ليکڪ ڪتاب “سڪاري سنڌ ڏکارا ماڻهو” ۾ لکي ٿو ته سنڌ جو ڳچ حصو ڇرون ٿيل ملندو ۽ دنيا جو ھر پکي ۽ آبي جيوت اوهان کي سنڌ ۾ ملندو.مطلب شڪور ڍنڍ کان اڳ سڄو علائقو ڇر لڳو پيو آھي ۽ ان سبب اتي ڍوري کي ڇر ڍورو سڏجي ٿو.

شڪور ڍنڍ بھ ايئن تڪراري آھي جيئن انڊيا پاڪستان جي وچ۾ مسئلو ڪشمير تڪراري آھي يا افغانستان جي ڊريوڊ لائين تڪراري آھي. جيڪڏهن اها صورتحال حل نٿي ڪجي تھ ڇا بس هر ڀيري سنڌ ايئن ٻڏندي رهندي ۽ اسان جا حڪمران ڪشتو کڻي پنندا رهندا مٿان وري مصيبت ماريل عوام ايئن ئي بک بدحالي ۽ بيمارين ۾ مرندو رهندو؟