ٻولي ته منھنجي سنڌي

0
147
ٻولي ته منھنجي سنڌي

 جُڳن کان هماليه کان گڙگاٽ ڪندو هي جو وهندو اچي مھراڻ !

اُچين برفيلين چوٽين جي سينن، پيٽن، گوڏن ۽ پيرن تان سرڪندي، لڏندي، نچندي سُريلا گيت ڳائيندي هيءَ جا وهندي اچي سنڌو ندي ! تنھن جي تهذيب اُن عميق ۾ ڪٺي ٿيل آهي، جيڪو عميق علم آهي، علم جي دنيا ۾ سنڌ صدين کان روشن آهي. سنڌو سڀيتا (انڊس ويلي) جنھن جون سرحدون جيتوڻيڪ رٻڙ جيان سوڙهيون ڪيون ويون آهن، پر اُن جي ڇڪ ۽ ڪشش لامحدود آهي. سنڌو جيڪا اروڙ جي ارمانن کي صدين کان کنيو ساڌ جو پرنام ڪندي، سکر، بکر، رُڪ جا وڪڙ ڦيرا ڪٽيندي لاڙڪاڻي جي ور کان وارو وڄائي مُھين جي گھاٽ تي ٿڌو ساهه کڻي ٿي، اُن ساهه جو شوڪارو،

                 آچر، سومر، اڱارو ئي آهي،

هر ويل سنڌوءَ جو اهڙو سانگارو (وهڪرو) بس اِهائي وراڻي ڏي ٿو، جنھن جو انت يا ڇيهه مرشد لطيف سرڪار لھندي بس ايترو ئي چيو ته

”ٻولي منھنجي ٻانڀڻياڻي….“

مون مٿي جيڪو آچر سومر اڱاري جو ذڪر ڪيو، سو ڪنهن به حوالي سان فضول ڪونهي، آڏت وار، سوم وار، اڱارو هجي يا هي سنڌ ديس پيارو هجي، سي بنهه پراچين آهن. مطلب ته جِھڙو لفظ سنڌ قديم آهي، تهڙي ئي سندس ٻولي قديم آهي. ايئن ئي هن ٻوليءَ جا لفظ به قديم آهن. اِهو احساس مون کي ويتر تڏهن گھڻو ٿئي ٿو، جڏهن مُھين جي دڙي جي ڪڙ تي ويهي آءُ ڏور ڏور ڦهليل سنڌوءَ ۽ نهارن تائين ڦهليل آڪاش کي ڏسان ٿو…..

ٻولي جيڪا منھنجي روح ۾، منھنجي سُتيءَ ۾ مونکي ڏني وئي آهي، اُن جو جِھڙو اُچار اُجرو آهي، تهڙو ترنم سُريلو آهي. گھاٽ مُھين جي دڙي جو هجي يا وري سسئيءَ واري ڀنڀور جو هجي، اُتي جيڪو به گَڏو ڌوتو ويو، سو ٻانڀڻ ئي ڌوتو آهي.

اُهو ٻانڀڻ ڪو پروهت قديم هجي يا آرين جو ڀيم هجي،

اُهوٽڦلي اجرڪ اوڍيل سنڌ ڄائوهُجي يا وري سسئيءَ جو برهمڻ بابو هُجي،

آهي سنڌي ئي، صديون اڳ ۾ نھ ڪو ڦنڌ ڦير سنڌيءَ ۾ هئو نھ وري اُن جي ٻوليءَ ۾ هئو، جيڪا سنڌوءَ جھڙي اُجري آهي نه وري اڄ ڪواُن ٻوليءَ ۾ ڦنڌ ڦير آهي. مون کي هن لمحي سچ پچ انهن عظيم استادن جون چٽيون، ڌنڌليون تصويرون پنھنجي خوابن ۽ خيالن ۾ تحليل ٿيل مِلن ٿيون، جن پنھنجي ٻوليءَ جي چٽن ۽ عڪسن کي وائکو ڪرڻ لاءِ پينڊورا جون پيتيون ٺاهيون. ڪي ڀنڀور جي ٺڪرين تي بجرحيدر جهڙا لفظ اُڪاري ويا ته ڪن وري مُھين جي ٿانون تي پنهنجا نالا لکيا، ڪِن ابوالحسن سنڌي بڻجي لِپيءَ جا ورَ کولي ڇڏيا ته ڪِن استاد محمد يعقوب ’نياز‘ بڻجي پنھنجي ايندڙ نسل لاءِ تجسس جا در کولي ڇڏيا

هي تاريخ جو اڻ ٽٽ سلسلو ايڏو ته وڻندڙ ۽ دل لُڀائيندڙ آهي، جو اُن جا جيترا به تهه کولجن ٿا، اوترو ئي ٻوليءَ سان پيار ٿئي ٿو ۽ اُن پيار جو اظهار ڪڏهن لطيف سرڪار پنھنجي رسالي جي حرف حرف اکر اکر ۾ ڪري ٿو ته ٻيا وري پنھنجي رياضتِن ۽ رولاڪين ۾ ڪن ٿا. پروڙ جي هِن جهان ۾ اِهل دل، اِهل ضمير ماڻهو اُن سڏ پڙاڏي جي پويان آهن، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهي.

ها مون ڳالهه پئي ڪئي مُھين جي دڙي جي، جنھن جي ڪڙ تي ويهي آئون اکيون پوري ڇڏيندو آهيان، ۽ اُهي ڇيرين جا ڇڻڪار ٻڌندو آهيان، جيڪي ناچڻيءَ جي نرت سان هڪ تخليقڪار جو تصور پيش ڪندا هئا، ناچڻيءَ جو روپ قديم لوڪ شناسن تخليق ڪندڙ ديويءَ جو روپ به ڄاڻايو آهي. آئون انهن ڇيرين جي ڇڻڪاٽن، آوازن ۽ پازيبن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اُچار سُڻندو آهيان، جيڪا منھنجي وڏڙن هڪ نياري لِپيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏي، جيڪا لِپي (صورتخطي) جُڳن کان ڪنهن لَٽ ۾ اوراٽِجي وئي هئي، ائين جيئن لطيف سرڪار جا لڳي لڳي واءُ انگڙا ڍڪجي ويا هئا ۽ پوءِ هڪ سڏ پڙاڏي تي اِهو آواز پِڻ آيو هئو ته ،

” پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي…..“

مرشد لطيف سرڪار پرين پَسِيو ته اسان کي به ساڃاهه ملي ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيترا پتنگڙا اُن پرينءَ اُن پساهه تي اچي ڪٺا ٿيا، جن آهستي آهستي انهيءَ لِپيءَ جي اکرن کي لٽ مان کوٽي ڪڍيو، ڪن وري اُن پينڊورا پيتيءَ جو دروازو کوليو جيڪو تجسُسُ جي ڌارا ۾ حقيقت کي ويجھو ٿيڻ لڳو.جيڪا حقيقت اڄ ظاهر ظهور بيٺي آهي ته هيءَ ٻولي ڪنهن جي به گولِي ڪانهي، جنھن تهذيب کي اِرتقا ڏني، جنھن جيوت کي چُرڻ پُرڻ سيکاريو اُن تهذيب کي لِپي (صورتخطي) به ڏنائين!!!

اِهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي تھ جيڪي ماڻهو دنيا جهان کي ترقي جون واٽون ڏسين سي پاڻ وري جاهِل هُجن، جن وٽ ارٽَ، هُرلي ۽ ڦيٿي جي پهرين ايجاد ڪيل هجي، سي يا ته گونگا هجن يا وري ڳالهائن ته ٻولي وري ٻين کان اُڌاري وٺي اچن! نڪو اِها ڳالهه سمجهه کان بنهه گھڻي آهي!! (اِهو ان لاءِ به چوڻو پيو جو اڪثر سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين سان جوڙيو ۽ ڳنڍيو وڃي ٿو جيڪو حماقت کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. )

لطيف سائين جڏهن لڳي لڳي واءُ واري ڪيفيت ۾ پرين پَسِيو ۽ اک کولي اُن پرينءَ جي سڏ پڙاڏي پويان رولاڪ بڻجي جهر جھنگُ جھاڳيائين ۽ پنھنجي رولاڪين کي اِهڙو ته درسگاهه، اِهڙو ته اِدارو بڻائي ڇڏيائين، جنھن جي سونهن ۽ سِکيا ۾ هڪ طرف جي. ايم سيد موهجي پيو ته ٻئي طرف سِراج اُن پِرولي ڀڃڻ لاءِ سندرو ٻڌو پوءِ ته ڳالهه صفا نياري بڻجي پئي. ٻانڀڻن جيڪي به گَڏا، جتي به جيئن به ڌوتا هئا، تن جي سَٽڪن مان اِهي آواز ايندا ويا ته

”ٻولي منھنجي ٻانڀڻياڻي الا……..“

ائين ئي اسان جي سادي سولي سنڌي ٻولي زماني جي دَزَ ۽ اوراٽيل لَٽَ مان نروار ٿي پئي، جيئن سُورج اُڀرندي کان نروار ٿيندو آهي، جيئن آب مان حيات نروار ٿي. هاءِ هاءِ دل کي قرار اچي ويو. (هڪ لمحي لاءِ اکيون پُوري محسوس ڪجي ٿو تھ ازلي آواز ۽ ويڙهيچن وارو وچن به ياد اچيو وڃي) ٻولي جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي ارتقا آهي، ٻولي ئي هر ماڻهوءَ جي جذبن جو اظهار آهي، سُک هجي يا ڏُک اُن جو اظهار، پنھنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن ۽ سولو آهي. سو اِهڙي ٻولي، جيڪا بنهه سادي ۽ سولي آهي ۽ اسانجي دردن جو داروُن آهي تنھن جي واٽ کي ڇڏي اسان کي ڪنهن به اوڀر اوجھڙ ۾ ڦاسڻ نه گھرجي.

منهنجو اِهو به ايمان ۽ عقيدو آهي ته پنھنجي ٻوليءَ جي سمجھه هوندي، تڏهن ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري سگھبي. ڇو ته هر ماڻهو سوچيندو پنھنجي ٻوليءَ ۾ ئي آهي. سوچ جيڪا ماڻهوءَ جي دل ۽ روح مان نِسرندي آهي، اُن تي ڪوبه ڌاريو ليپ ڏئي نه سگھبو آهي، تنھنڪري اسان کي ڪنهن به حالت ۾ ڀلجڻ نه گھرجي، نه ئي وري پنھنجي ايندڙ نسل کي ڀلائڻ گھرجي. ٻاتن ٻولن کان وٺي پڪن شبدن تائين اسان کي پنھنجي ٻوليءَ جا گيت، ترانا ۽ ڪلما پڙهڻ گُھرجن ۽ اِها به پڪ ڄاڻڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسان جي ٻولي ثابت ۽ سلامت آهي، ته اسين به سدائين سلامت رهنداسين، ڇو جو تهذيب جي زندگي صرف ۽ صرف ٻوليءَ ۾ آهي، جنھن جي ساک ۽ ثابتي تاريخ مان پڌري ٿي چڪي آهي. اڃا به جيڪڏهن ڪنهن کي ويساهه ڪرڻو هجي ته علم ۽ ڪتاب اُٿلائين، کين وڌيڪ ثابتيون مِلي وينديون. دنيا جي ڪنهن به تاريخ يا قوم جو دليل ڏيڻ کانسواءِ بس ايتري وينتي آهي ته مُھين کان ڀِٽ تائين جو جيڪو به تاريخي تسلسل آهي، سو ڪنهن به مفروضيءَ تي ٻڌل ڪونهي، اُن ۾ هڪ ئي حقيقت نمايان آهي، جيڪا تنبوري جي تار سان وڄي ٿي ته،’سنڌي ٻولي نج ۽ پراچين آهي. جنھن جو لبادو ڀلي ٻين ٻولين پاتو هجي پر سنڌي ٻولي ڪنهن جو به ويس نه پاتو آهي. نھ ڪو ڌاريو شبد چورايو آهي، بس رڳو ٻولين جي جدت ۽ فصاحت آهر لفطن کي پنھنجي رنگ ۾ اُتاريو اٿائين، پنھنجي لِپي، صورتخطي ۽ صورت گريءَ ۾هنڍايو اٿائين.‘

پرين جي پساهه واري مچ تي جيڪي پتنگڙا اچي ڪٺا ٿيا ۽ لَٽ اوراٽيل لپيءَ ۽ لِسان کي کوٽي ڪڍيائون، اُنهن ۾ سنڌ مان شخصِ اول جيتوڻيڪ سِراج ئي آهي، جنھن پراڻين روايتن، ڳالهين ۽ چوڻين جو دٻلو بند ڪري ڇڏيو ۽ نئين راھھ ڏَسي، جنھن جي شعاع نوان دڳ ۽ رستا کولي ڇڏيا. جنھن جي آڌار تي ٻين پڻ وارا وڄايا. ٻوليءَ جي ڪم ۽ تسلسل ۾ ڀترن، ٽڪرين ۽ چٽيل نقشن ۾ جِن به پنھنجي سوچ ۽ سمجھه کي سيڙايو، تن به انمول موتي ماڻيا. ڊاڪٽر بلوچ هُجي يا ڊاڪٽر الانا هجي يا ايم.ايڇ پنهور، عطا محمد ڀنڀرو هُجي يا ڊاڪٽر فهميده حسين، محبت ٻُرڙو هجي، قاسم ٻگھيو هجي يا وري هدايت پريم سڀني ڀليءَ ڀت پاڻ ملهايو آهي ۽ اِهڙو ڪم ڪيو اٿائون، جو سندن پورهئي تي سچ پچ ڏاڍو پيار اچي ٿو.

’شال سنڌ وسي، سنڌي ٻولي وسي‘ واري دُعا سان گڏوگڏ لطيف سائين جي انيڪ دُعائن کي ياد ڪندي هي ورق، اڄوڪو ڪالم ارپيان ٿو سِراج جي اُن ارپنا سان، سنڌ ۽ سنڌ واسين کي جن جي پڪن شبدن ۽ ٻاتن ٻولن ۾ صرف سنڌ آهي، سِراج جي اُها ارپنا جيڪا هن پنھنجي پيءُ ماءُ سان منسوب ڪندي چيو هو ته

’شل سدائين حيات هجن اُهي، جن زندگيءَ جي ٻين بخششن کانسواءِ مونکي سنڌي ٻولي به عطا ڪئي.‘

ڪيڏي نه وڏي دُعا ۽ ڪيڏي نه وڏي ارپنا آهي جنھن ۾ رڳو زندگي ئي زندگي آهي. اسين سنڌي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو جيڏي عظيم اسانکي ٻولي نصيب ٿي ايڏا ئي اُن کي سنڀاليندڙ مهان ماڻهو مليا،

باوجود اُن جي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ هڪ ڀرپور جدوجهد هلڻ گهرجي اسانجا ڏاها ۽ اديب جيڪي هر روز پرگرامن ۾ اچي اسٽيج واريون ڪُرسيون ولارين ٿا ۽ وڏيون ڳالهيون ڪري هيٺ لهن ٿا تن کي سنڌي ٻولي کي جديد دؤر جي تقاضائن تي پورو لاهڻ لاءِ تدبيرن سان گڏ ڪجھھ قربانيون به ڏيڻيون پونديون ، هندستان ۾ اڄ بھ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي پر اسان وٽ نصابن توڙي ڪتابن مان پنھنجي ٻوليءَ کي خارج ڪيو پيو وڃي،گرامر کان وٺي لغت ۾ ڪافي کوٽون موجود آهن، وڏي ڳالھھ تھ سنڌيءُ جو هينئر تائين ڪو بهتر سافٽ ويئر ناهي آيو جنھن سان سنڌي لکت کي نئين برقي دؤر پٽاندڙ هلائي سگهجي. هاڻوڪي ڪمپيوٽر ايج ۾ بھرحال سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ لساني سائنس جي آڌار سائين ماجد ڀرڳڙي کانپوءِ امر فياض ٻرڙو، شبير ڪنڀار، انيس ڪاڪا، عبيد ٿهيم ۽ ٻيا ڪيترائي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن. باوجود اُن جي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ساڻ گڏ عام واهپي ۾ سنڌي ٻولي  جي جاڳرتا لاءِ مھم کي زور وٺرائڻو پوندو. جيئن هر ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ لِکي ۽ اِهو پيغام  سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي توڙي غير سنڌي ماڻهن تائين رسائڻو آهي.