حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو چيف ريحان حميد حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 8 واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري معاملي جا تفصيل ميڊيا کي ڏيڻ کان لنوائي ويو. سندس ترجمان صبح جو سندس هنگامي پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو ۽ 10 منٽن بعد سبب ڄاڻائڻ بنا ئي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي. اها پريس ڪانفرنس سومر واري ڏينهن 2 بجي حيسڪو پاور ونگ ڪالوني جي ڪانفرنس هال ۾ رٿي وئي هئي ۽ صحافين کي گذارش ڪئي وئي ته هو ان پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿين. صحافين جو خيال هو ته حيسڪو چيف ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري واقعي بابت تفصيل ميڊيا آڏو پڌرا ڪندو پر 10 منٽن دوران ئي اوچتو اها پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي ۽ ان جو ڪو خاص سبب به نه ڄاڻايو ويو. حيدرآباد جا صحافي حيسڪو چيف پاران پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ واري معاملي تي حيران ٿي ويا. واضح رهي ته حيسڪو چيف ٽرانسفارمر ڦاٽڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ 23 جولاءِ تي ڪميٽي به جوڙي هئي. ان ڪميٽي پنهنجي رپورٽ حيسڪو چيف کي ڏياري موڪلي هئي پر اها رپورٽ به عوام آڏو پڌري نه ڪئي وئي آهي.ٻئي پاسي ٽرانسفارمر ڌماڪي جي زخمي ٿيلن جي مالي سهائتا نه ٿي سگهي، حيسڪو چيف متاثرين جي احتجاج بعد ايڪسين آفيس کي لڳل باهه واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 22 جولاءِ تي لطيف آباد نمبر 8 جي اڪبري مسجد ڀرسان بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ڌماڪي دوران 18 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا جن مان هيستائين ٻن نينگرن سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. متاثرن جي وارثن خالد زئي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته حيسڪو پاران زخمين جي علاج جو اعلان ڪيو ويو هو پر زخمين جي علاج لاءِ حيسڪو سميت ڪو به ادارو مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل زخمي نوجوانن جو علاج بند ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هنن چيو ته پٽيل اسپتال سميت ٻين اسپتالن جي انتظاميا زخمين جي علاج لاءِ لکين رپيا طلب ڪري رهي آهي. رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ انتظاميا علاج کان جواب پڻ ڏنو آهي. هنن حيسڪو سميت وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جو سرڪاري خرچ تي علاج ٿي سگهي.