جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان روهڙي ڪئنال جي مرزا ڦال ريگيوليٽر وٽان 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ خدابخش اوٺو جي رھواسي 25 سالن جي نوجوان اشرف ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو هو، جنھن جو لاش 52 ڪلاڪن بعد 14 نمبر موري ڀرسان غلام رسول عرف ڪارو خان زرداري جي گھر ڀرسان روهڙيءَ ڪئنال مان ھٿ ڪيو ويو آهي. جڏھن ته وارث لاش بنا پوسٽ مارٽم جي پنهنجي ڳوٺ خدابخش اوٺو ڏانهن کڻائي ويا، جڏهن ته لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.