ڪراچي: اينٽِي ڪرپشن جي 4 اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ترقيون ماڻي ورتيون

0
259
چيف سيڪريٽري جي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ اينٽي ڪرپشن کاتي جي پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ سيڪريٽري سروسز سميت لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ 4 اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي ڊپٽي ڊائريڪٽر گريڊ 18 ۾ ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ترقي ماڻيندڙن ۾ عمران حسين ڏاوچ، وحيد احمد ڪلوڙ، صوفي عبدالحفيظ چاچڙ ۽ اشرف حسين سومرو شامل آهن.