حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي حيدرآباد پنهنجي رينج جي 4 سي آءِ اي سينٽرن کي فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جن ضلعن جا سي آءِ اي سينٽر بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي انهن ۾ ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ڄامشورو ضلعا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد پنهنجي رينج جي ايس ايس پيز سان اجلاس ڪري واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به پوليس اهلڪار جوابدارن جي پٺڀرائي ڪندي ڏٺو ويو ته ان خلاف ڪارروائي ڪري ڪارين رڍن کي فوري طور ملازمت مان نيڪالي ڏني ويندي. هن ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته هو سي آءِ اي سينٽرز جي مال خاني جو ذاتي طور معائنو ڪن ۽ مال خانن ۾ موجود نارڪوٽڪس، گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻين منع ٿيل شين کي فوري طور تي ضايع ڪن. هن اهو به حڪم ڏنو آهي ته 2020ع کان 2021ع تائين جيڪي جوابدار نارڪوٽڪس، گٽڪي، مين پڙي ۽ چرس جي خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث رهيا آهن انهن جي لسٽ جوڙي وڃي. هن چيو ته جيڪي پوليس ملازم ڏوهارين جي پٺڀرائي ۾ ملوث هوندا انهن کي نوڪرين تي ٻيهر بحال نه ڪيو ويندو.