ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڄامشوري جي سي آءِ اي پوليس جي موبائل مان منشيات اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 اھلڪارن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ، سرور راھپوٽو اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيو.ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پوليس موبائل ۾ منشيات هٿ واري ڪيس ۾ گرفتار اهلڪارن کي پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن جي ريمانڊ ۾ 29 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، پيشي جي موقعي تي جاچ آفيسر عدالت ٻڌايو ته هي حساس نوعيت جو ڪيس آهي، اصل ذميوارن تائين پهچڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، ان ڪري جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي جاچ بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار محمد يعقوب، غلام عباس، اعجاز علي، عبدالنصير، راحب حسين ۽ احمد نواز سرڪاري موبائل ۾ ڄامشوري کان منشيات کڻي ڪراچي ڏيڻ آيا هئا، منشيات اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ پوليس موبائل به ضبط ڪئي وئي آھي