شڪارپور (رپورٽر) ڏوھارين جي مبينا سرپرستي جي الزام ھيٺ گرفتار تيغو تيغاڻي جي ضمانت منظور، سندس اڄ آزادي جا امڪان، تيغو تيغاڻي ڏيڍ مھيني کان جيل ۾ آهي، خبر موجب ڪالھه شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج حيدر علي ابڙي پاران پنج لک رپين جي مچلڪن جي عيوض ڏوھارين جي سرپرستي جي الزام ھيٺ گرفتار تيغو تيغاڻي جي ضمانت منظور ڪئي وئي، تيغو تيغاڻي کي 11 ڏينھن اڳ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ھو ۽ ضمانت لاءِ درخواست پڻ داخل ڪئي وئي ھئي، ضمانت منظور ٿيڻ بعد سندس اڄ آزادي جا امڪان آهن. تيغو تيغاڻي گذريل ڏيڍ مھيني کان ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيد هو، عدالت ۾ تيغو تيغاڻي جي وڪيل پاران ٻيو ڀيرو ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي، اي ٽي سي ضمانت جي درخواست 11 ڏينھن بعد منظور ڪئي.