چڪ (ن پ ا) چڪ ويجهو ڳوٺ پيارو بروهي ۾ قتل ٿيل پرائمري استاد علي مراد بروهي واري مامري جي نبيري لاءِ مختلف برادرين جا چڱا مڙس عبدالقادر جيلاني، لياقت مهر، غلام رسول جتوئي، فقير ديدار مهر ۽ ٻيا جوابدار ڌر پاران ميڙ منٿ کڻي مقتول جي وارثن وٽ پهتا، ان موقعي تي مقتول استاد جي وارثن جوابدار عبدالجبار ۽ شاهنواز بروهي کي پوليس وٽ پيش ڪرڻ جو شرط ورجايو، جنهن بعد چڱا مڙس واپش موٽي ويا.