سکر (بيورو رپورٽ) لاھور مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناريءَ کي پوليس ميرپور ماٿيلو مان بازياب ڪرائي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پيش ڪيو، پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل ناري ثمينه ڀٽي راجپوت عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس لاهور مان ڏيڍ مهينو اڳ بيوٽي پارلر جو ڪم ڏيارڻ بھاني اغوا ڪري ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ۾ وڪرو ڪيو ويو، مون سان گڏ 2 دوست ڇوڪرين جيڪي به بيوٽي پارلر جو ڪم ڪنديون آھن انھن کي به اغوا ڪيو ويو ھو، مون کي پئسن عيوض الطاف کي وڪرو ڪيو ويو ،جنھن زبردستي مون سان نڪاح ڪيو، عورت بيان ڏنو ته مون کي واپس وارثن حوالي ڪيو وڃي، عدالت ناري جي وارث پيءُ معصوم پٽ ۽ مڙس جي اچڻ بعد کيس بيان موجب والد حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ناري کي بازياب ڪرائيندڙ ميرپورماٿيلو پوليس موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ناريءَ جي بازيابي لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي وئي ھئي جنھن تي عدالت ناري کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، عدالتي حڪم تحت ميرپور ماٿيلو ويجھو ڇاپو ھڻي ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.