حيدرآباد: 6 قومپرست ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
191
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت بغاوت ڪيس ۾ 6 قومپرست ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ هفتي جي واڌ ڪندي ڪيس جي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي ايس ايڇ او سجاول کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پڪي ضمانت لاءِ قومپرست ڪارڪن شوڪت هالو، منظور چانڊيو، نظام الدين هالو، اسلم ٿهيم، عبدالمالڪ پٺاڻ ۽ غلام نبي بجورو وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس جا پيپر ڇو جمع نه ڪيا آهن ۽ اڃا تائين جاچ آفيسر ڇو مقرر نه ٿيو آهي عدالت جو پوليس عملدارن کان پڇاڻو، پوليس عملدار استدعا ڪئي ته مهلت ڏيو ته جيئن جاچ آفيسر مقرر ڪري ڪيس جا پيپر تيار ڪرڻ بعد عدالت ۾ جمع ڪرائي سگهون، عدالت ڪاوڙ اظهار ڪندي ايس ايڇ او سجاول کي ايندڙ ٻڌڻي ٿي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي عبوري ضمانت ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، واضح رهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري بعد 10 جون تي سجاول ۾ ڪارڪنن جي احتجاج دوران پوليس مٿن بغاوت جو ڪيس داخل ڪندي دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا هئا.