فيض گنج ويجهو ناري سان زيادتي جي ڪوشش، تشدد

0
234
Faiz ganj girl protest

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ مبينه طور تي هڪ جوابدار مير محمد عرف ميرل چانگ گهر ۾ داخل ٿي شادي شده عورت زويا چانگ سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي جوابدار ناري تي تشدد ڪري ناري کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدارن کان جان بچائي ناري ماءُ پيءُ جي گهر پهچي وئي، ناري جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد عرف ميرل چانگ منهنجي گهر ۾ داخل ٿي مونسان زبردستي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار گهٽا ڏئي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، زويا چانگ جو چوڻ آهي ته جوابدار مونسان ظلم ڪيو آهي، زيادتي ڪوشش ڪرڻ دوران گهر جي ڀت ٽپي جان بچائي پي جي گهر پهتي آهيان، جوابدار کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪرايو وڃي نه ته خودڪشي ڪندي، زويا چانگ پي گلاب چانگ ۽ ماءُ انور خاتون چانگ سان گڏجي فيض گنج ٿاڻي تي پهچي وئي.