قاضي احمد واسي نوجوان24 ڏينهن کان ڌڙيلن وٽ قيد

0
270

قاضي احمد(ن پ ا)24 ڏينهن اڳ ڪراچي مان حيدرآباد پهچي عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل قاضي احمد واسي نوجوان راشد علي سيال اڃا تائين بازياب ناھي ٿي سگهيو، ڌاڙيلن جي چنبي ھيٺ آيل مغوي راشد علي سيال فون ڪري امڙ کي روئيندي ايلاز ڪيا آھن ته ڌاڙيلن پاران طلب ڪيل ڀنگُ جي رقم فوري طور ادا ڪري مون کي ظلم کان بچايو وڃي، عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪيل قاضي احمد واسي نوجوان راشد سيال غريب ھجڻ ڪري ڪنهن به سندس بازيابي لاءِ آواز بلند نه ڪيو، پوليس پڻ ڪو به تحرڪ نه ورتو، سندس بازيابي لاءِ ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي ۽ مغوي جي ماءُ پٽ جي بازيابي لاءِ وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آھي.