بخشاپور ويجهو 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو

0
310
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد مان 3 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان مبينا اغوا ٿيل 18سالا نوجوان دلمراد ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي جي وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو، مغوي جي امڙ شهزادي خاتون، چاچي جادُل خاتون، ڀاءُ علي مراد ڀٽو، شاهمراد ڀٽو ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود مياڻي پوليس دلمراد جي بازيابي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا، نه وري ڪو تڪ جو چونڊيل نمائيندو لڙي آيو آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته دلمراد کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.